Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool
پر اسان جو ڪردار ان جي بَرعڪس ڏسڻ ۾ ٿو اچي۔ ياد رکو! مَحَبَّتِ رَسُول صرف ان شيء جو نالو ناهي ته اجتماع ذِڪر و نعت ۽ جُلُوسِ ميلاد ۾ بُلند آوازسان جُھومي جُھومي ڪري نَعت شريف پڙھي وڃي، هٿ کڻي ڪري زور زورسان نَعرا لڳايا وڃن يا وري رات جاڳڻ کان بعد نمازِ فجر پڙھي بغير ئي سمهي رهجي، عام ڏينهن ۾ به پنج نمازون ايستائين جو جُمُعي جي نماز به نه پڙهجي، پياري آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري سُنّت ڏاڙهي شريف ڪٽرائڻ يا هڪ مُٺ کان گهٽرائڻ، سُنّتن کي ڇڏي نَوان نَوان فيشن اپنائڻ، حُسنِ اَخلاق سان پيش اچڻ جي بَجاءِ بَد اَخلاقي ۽ ٻيون بُرائيون به نه ڪڍي سگھون ته اهڙي طرح مَحَبَّت ڪيئن ڪامل ٿيندي؟ جڏهن ته حقيقي مَحَبَّت ته ان ڳالھ جو تَقاضو ٿي ڪري ته حُقُوق جي اَدائگي ۾ سرڪارِ دوجهان، شفيعِ عاصِيان، وڪيلِ مُجرمان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سڀ کان اعلٰي مڃيو وڃي، اهو هن طرح ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آندل دِين کي تسليم ڪريون، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعظيم ۽ اَدَب بَجا آڻيون ۽ ہرشخص ۽ ہر شيء يعني پنهنجي ذات، پنهنجي اَولاد، ماءُ پيءُ، عزيزن رشتيدارن ۽ پنهنجي مال ۽ اسباب تي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا ۽ خُوشنودي کي مُقدَّم رکون۔ (ماخوذاز اشعۃ اللمعات، ج۱،کتاب الایمان،فصل اول ،ص۵۰) ۽ جنهن ڪم کان پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مَنع فرمايو، ان کان بچڻ جي ڪوشش به ڪندا رهون، جيڪڏهن بَتَقاضاءِ بَشَرِيّت ان جو اِرتڪاب ٿي پوي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رحمت کان بخشجي وڃڻ ۽ محشر جي ڏينهن سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شَفاعت حاصل ڪرڻ جي اُميد رکندي سچّي توبھ ڪريون ۽ آئندہ انهن گُناھن جي طرف وڃڻ جو خيال به پنهنجي دل ۾ نه آڻيون۔ اچو ته! ان ڳالھ جي سچّي دل سان نِيت ڪريون ته اڄ کان پوءِ اسان جي ڪا به نماز قَضا نه ٿيندي.