Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool
وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ توهان تي قربان ٿين! توهان جي فضيلت اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ ايتري بُلند آهي جو ٻين نبين جو نه بلڪه اوهان جي حَياتِ مُبارَڪه جو ئي اللہ عَزَّوَجَلَّ قسم ذِڪر فرمايو آهي ۽ اوهان جو مَقام ۽ مرتبو الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ ايتري قدر بُلند آهي جو ان ذات لَاۤ اُقْسِمُ بِھٰذَا الْبَلَدِ جي ذريعي اوهان جي مُبارڪ قدمن جي مٽي جو قسم ذِڪر فرمايو آهي۔“
(شرح زرقانی علی المواھب ،الفصل الخامس۔۔۔ الخ ، ج۸، ص۴۹۳)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته اَميرُالمؤمنين حضرت سَيِّدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مَڪهء مُڪرَّمَه سان ان لاءِ به مَحَبَّت فرمائيندا هئا جو پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا محبوب آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان شہر ۾ تشريف فرما آهن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مَـدِيـنَهء مُـنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا سان به اهڙِي ئي مَحَبَّت فرمائيندا هئا، سندن جي مَـدِيـنَهء مُـنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا سان عِشق ۽ مَحَبَّت ان ڳالھ مان به ظاہرٿيندي آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مَـدِيـنَهء مُـنَوَّرَہ ۾ وفات جي دُعا فرمائيندا هئا۔ ۽ اهو ايئن ته بارگاھِ الٰہي ۾ عَرض ڪندا هئا: اَللّٰهُمَّ ارْزُقْنِي شَهَادَةً فِي سَبِيْلِكَ وَاجْعَلْ مَوْتِي فِي بَلَدِ رَسُولِكَ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم يعني اي اللہ عَزَّوَجَلَّ! مون کي پنهنجي راھ ۾ شہادت عطا فرما ۽ مون کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شہر ۾ مَوت عطا فرما۔ (بخاری، کتاب فضائل المدینۃ، باب کراھیۃ النبی۔۔۔الخ، ج۱، ص۶۲۲، حدیث:۱۸۹۰) ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جون هي ٻئي دُعائون مَقبول و مُستَجاب ٿيون۔
الله عَزَّوَجَلَّ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي۔
اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم