Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool
ورتو) ڪنهن سندن کي چيو،”اللہ عَزَّوَجَلَّ اَمِير جو ڀلو ڪري، اي اسان جا سردار! هي جاهل ٽيڙهي نظرن سان اِشارا ڪري رهيا آهن ته اَمِيرصاحب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪِري پيل لُقمَو کائي ورتو جڏهن ته انهن جي سامهون هي کاڌو مَوجود آهي۔“ انهن فرمايو: ”انهن عَجمين جي سبب آئون ان شيء کي نه ٿو ڇڏي سگھان،جنهن کي آئون سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ٻُڌو آهي۔ اسان هڪ ٻئي کي حڪم ڏيندا هئاسين ته لُقمَو ڪِري پئي ته ان کي صاف ڪري کاڌو وڃي شيطان جي لاءِ نه ڇڏيو وڃي ۔“
(ابن ماجہ شریف ج٤ص١٧حدیث ٣٢٧٨ )
رُوحِ
اِیماں مَغْز قرآں جانِ دیں |
شعر جو خلاصو: اسان جا پيارا آقا رَحْمۃٌ لِّلْعٰلَمِیْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت ايمان جو رُوح، قرآنِ ڪريم جو مغز (خلاصو) ۽ دِين جي جان آهي۔
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان؟ ته جَلِيلُ القَدر صحابي ۽ مُسلمانن جا سردار سَيِّدُنا مَعۡقِل بن يَسار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سُنّتن سان ڪيتري قَدَر پيار ڪندا هئا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن عجمين جي اِشارن جي ذرّي برابر پرواھ نه ڪئي ۽ بي خوف سُنّتن تي عمل جاري رکيو۔ اڄ ڪجھ نادان مُسلمان اهڙا به آهن جيڪيماڊرن ماحول ۾ڏاڙهي مُبارَڪ جهڙي عظيمُ الشَّان سُنّت کان محرومي کي مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ’’حڪمتِ عملي‘‘ تَصَوُّر ڪندا آهن۔ حقيقي حڪمتِ عملي هي آهي ته چاهي ڪيترو ئي بُرو ماحول ڇو نه هجي، دشمن جو زور ہجي، بي دِينن جو شور ہجي، چاهي ڪهڙو به دَور ہجي، توهان ڏاڙهي شريف، عمامي