Book Name:Farooq e Azam ka Ishq e Rasool
آئون قرآنِ پاڪ حفظ ڪري رہيو هئس پر افسوس! منهنجي عَملي حالت تمام خراب هئي۔ نيڪين کان تمام پَري، ڀٽڪندڙ ماڻهن جيان زِندگي گُذاري رہيو هئس۔ سُنتن تي عمل ڪرڻ جو نه شوق هو نه ئي عبادتِ الٰہي بَجا آڻڻ جو ذوق۔ منهنجي ويران زندگيءَ ۾ عمل جي مدني بہار ڪجھ هن طرح آئي جو منهنجي هڪ عزيز جن جي دُڪان تي اڪثر منهنجو اچڻ وڃڻ رہندو هو ، هڪ ڏينهن اهي مون کي چوڻ لڳا: توهان قرآنِ ڪريم حفظ ڪري رهيا آهيو، توهان جون عادتون ۽ افعال عام ماڻهن جيان آهن، توهان پنهنجي مٿي تي عمامو ته پَري جي ڳالھ ٽوپي تائين نه ٿا پہريو، ان طرح توهان ۾ ۽ اسڪول ۽ ڪالج جي عام ماڻهن جي درميان ڪهڙو فرق رهجي ويو؟ مزيد چوڻ لڳا: منهنجو ڀاڻيجو به سردارآباد (فيصل آباد) ۾ دعوتِ اسلامي جي مدرسةُ المدينه ۾ قرآنِ ڪريم حِفْظ ڪرڻ جي سَعادَت حاصل ڪري رہيو آهي، پر ان جو اَخْلاق ۽ ڪردار، ڳالهائڻ جي انداز گڏوگڏ پنهنجن پَرايَن سان ملڻ جو اَنداز قابلِ رَشڪ آهي۔ جڏهن اُهي رَمَضانُ الْمُبارَڪ جي موڪلن ۾ گھر آيا ته اُتي ٿيڻ واري عملي تَربِيت ڏسي ڪري سڀ گھر وارا بي حَد خُوش ٿيا، ان جو مَعْمُول هو ته سُنت جي مُطَابِق کائيندا پيئندا، گھر ۾ داخل ٿيڻ وَقْت بُلند آوازسان سڀني کي سَلام ڪندا هئا، والدين جي هٿن کي چُمندا هئا، نظرون جُھڪائي ڪري گُفتگو ڪندا هئا، کائڻ جي دوران سُنتون بيان ڪندا هئا ۽ سڀني گھر وارن کي سُنتن تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندا هئا۔ مدرسة المدينه جي طالبِ علم جي اها مدني بہار ٻُڌي ڪري مون کي پنهنجي بَدعملي تي نَدامت ٿيڻ لڳي، جيئن ته مون هٿو هٿ دعوتِ اسلامي جا مدرسةُ المدينه ۾ داخلا وٺڻ جي نِيت ڪئي ۽ انهي سال سردارآباد (فيصل آباد) وڃي پهتس ۽ مدرسةُ المدينه