Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

(مساویٔ الاخلاق للخرائطی،باب ماجاء فی الکذب وقبح مااتی بہ اھلہ، ص: ۷۶،حدیث : ۱۳۱،ڪوڙو چور 12)

مشهور بزرگ حضرتِ سِيّدُنا ابُوعبدُالرَّحمٰن حاتِم اَصَمّ بلخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته اسان کي اها ڳالهه پهتي آهي ته: ”ڪوڙو“ دوزخ ۾ ڪُتّي جي شڪل ۾ بدلجي ويندو ۽ حَاسِد جهنّم ۾ سُوئر جي شڪل ۾ بدلجي ويندو۔ غيبت ڪرڻ وارو جَهنّم ۾ بَاندر جي شڪل ۾ بدلجي ويندو.

(تنبیہ المغترین، ص: ۱۹۴، ازڪوڙوچور 9)

خَطاؤں کو میری مِٹا یاالٰہی!

 

مجھے نیک خَصْلت بنا یاالٰہی!

مجھے غیبت و چُغلی و بَدگمانی

 

کی آفات سے تُو بچا یاالٰہی!

زبان اور آنکھوں کا قُفلِ مدینه

 

عطا ہو پئے مُصْطَفٰے یاالٰہی!

 

 

(وسائلِ بخشش، ص:۱۰۱،۱۰۰)

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن روايت ۾ جتي حَسَد جي مَذمُوم جَذبي کي دِل ۾ جڳھ ڏيڻ وارن ۽ ماڻهن جي غيبت ڪرڻ وارن جي لاءِ دَرسِ عِبرت آهي، اُتي ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جي لاءِ به سبق مَوجود آهي۔ ڪوڙ ڳالهائي هن فاني دُنيا ۾ وَقتِي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارو خوشي مان نه ٿو ماپي، پر قَبر ۽ آخِرت ۾ سِواءِ افسوس مان هٿ مَلڻ جي اِن وٽ ڪو ٻيو رستو نه ہوندو۔ ٿورو غور ڪريو! دُنيا ۾ ڏاٺ جو سُور نه برداشت ڪرڻ وارو، آخِرت ۾ ڄاڙي چيرجڻ تي ٿيڻ واري تڪليف ڪيئن برداشت ڪري سگھندو؟ دُنيا ۾ هڪ مَڇر جو چَڪ لڳڻ تي بيقَرار ٿيڻ وارو، ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب قَبر ۾ ٿيڻ واري عذاب کي ڪهڙي طرح سَهي سگھندو؟ ۽ گھڻو ڪري