Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

1.       ڪندو آهي ۽ جڏهن گناھ ڪندو آهي ته ناشُڪري ڪندو آهي ۽ جڏهن ناشُڪري ڪندو آهي ته جہنَّم ۾ داخِل ٿي ويندو آهي۔

(المسندللامام احمد بن حنبل، مسند عبداللّٰہ ابن عمرو بن العاص، ۲/۵۸۹، رقم:۶۶۵۲)

ہائے نافرمانیاں بدکاریاں بے باکیاں

 

آہ! نامے میں گناہوں کی بڑی بھرمار ہے

زِندگی کی شام ڈھلتی جارہی ہے ہائے نَفْس!

 

گرم روز و شَب گناہوں کا ہی بس بازار ہے

 

 

(وسائلِ بخشش، ص:۴۷۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! ڪوڙ ڪيتري قدر ہَلاڪ ڪندڙ بيماري آهي۔ انسان جي لڳاتار ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب اهو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجهو تمام وڏو ڪوڙو لکيو ويندو آهي۔ اسان مان ڪو ہرگز هي نه چاهيندو ته ان جو نالو ٿاڻي (Police Station) ۾ مُجرِمن جي رَجِسٽر ۾ دَرج ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ايئن ٿي وڃي ته سندس ڏينهن جو چين ۽ راتين جي ننڊ ۽ سُڪون برباد ٿي وڃي، غور ڪريو! جڏهن مُجرِمن جي فہرست ۾ پنهنجو نالو ڏسڻ ڪنهن کي پسند ناهي ته خُداءِ واحِد و قَہَّار عَزَّوَجَلَّ جي آڏو جيڪڏهن ڪنهن جو نالو ڪوڙن جي فہرست ۾ لکيو وڃي ۽ مُسَلسَل ڪوڙ ڳالهائڻ جي سبب ان کي ڪذَّاب يعني تمام وڏو ڪوڙو لکيو وڃي، هڪ مُسَلمان کي هي به پسند نه ہئڻ گھرجي۔ اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن کي معلوم ٿي وڃي ته فُلان رستي تي وِک وِک تي خطرو آهي، ان رستي تي هلڻ سان جان ۽ مال جو نُقصان به ٿي سگھي ٿو، ته عَقلمند شَخص هميشه ان رستي وڃڻ کان بچندو رهندو، پر افسوس ! اسان کي ته پنهنجي دنيا بہتر بنائڻ جو فِڪر ته ہر وقت رہندو آهي، پر اسان پنهنجي آخِرت سنوارڻ جي ڪوشش کان بلڪل غافِل آهيون، اسان هي به ڄاڻون ٿا ته ڪوڙ