Jhoot ki Tabah kariyan

Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي مُعاشَري ۾ ملندڙ باطِني بيمارين مان هڪ تمام ئي خَطَرناڪ بيماري ”حُبِّ جاھ“ به آهي،جنهن جو مطلب آهي شُہرت ۽ عزّت جي خواہش ڪرڻ۔ (نيڪي جي دعوت ص 87) ۽ اها خواهش هر فساد جي جڙ آهي۔ اڪثر ڪري هي دِين کي به تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي، تنهن جي ڪري اِن کان بچڻ تمام ضَروري آهي۔ هڪ مُسَلمان جي لاءِ تاجدارِمدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هي فرمانِ عِبرت نِشان ئي ڪافي آهي: ته ٻه بکايل بگھڙ ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ايتري تباهي ناهن مچائيندا جيتري تباهي حبِ جاهه (يعني مال و دولت ۽ عزت ۽ شهرت جي محبت) مسلمان جي دين ۾ مچائيندي آهي. (ترمذی، کتاب الزہد، باب ماجاء فی اخذ المال، ۴/۱۶۶، حدیث۲۳۸۳) بَيان ڪيل حديثِ پاڪ مان مَعلُوم ٿيو ته حُبِّ جاھ ۾ ہلاڪت ئي ہلاڪت آهي۔ ان ناپاڪ بيماري جي آفَتن جي سَبَب حضرتِ سَيِّدُنا ابُونَصر بِشرحافي مَروَزِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: آئون ڪنهن اهڙي شَخص کي نٿو سڃاڻان جيڪو پنهنجي شُہرت چاهيندو هجي ۽ ان جو دِين تَباھ و برباد ۽ اهو پاڻ ذَليل ۽ خوار نه ٿيو هجي۔ (احیاء العلوم، کتاب ذم الجاہ و الریاء، بیان ذم الشہرۃ۔۔۔الخ، ۳/۳۴۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو ته پنهنجي شُہرت ۽ عزّت جي خَواہش ڪرڻ ڪيترو خَطَرناڪ مَرَض آهي۔ اهڙي مَرَض جو شڪار ڪجھ اهڙا به ماڻهو به ٿيندا آهن جيڪي ماڻهن کان عزّت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙ جو سَہارو وٺندي پنهنجي ذات تبديل ڪندي دير نه ڪندا آهن۔ برِّصغير پاڪستان ۽ ہِندستان ۾ ”سَيّد“ جو لفظ اهڙي ماڻهن جي لاءِ ڳالهايو ويندو آهي، جن جو سِلسِلهء نَسَب پنهنجي والد جي طرف کان حُضُورِ اَنور، شافعِ مَحشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان وڃي ملندو هجي۔ اسان وٽ عزت، شهرت ۽ قَدَر و مَنزِ لَت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ غير سَيّد ماڻهو به پنهنجو پاڻ