Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

کي ”سادات“ سڏرائيندا آهن، جڏهن ته هي ڳالھ حَقِيقَت جي بلڪل برعڪس هوندي آهي۔

ياد رهي! پنهنجي حَقِيقي پيءُ کي ڇڏي ڪري ڪنهن ٻئي کي پنهنجو پيءُ ڪرڻ يا پنهنجي خاندان ۽ نَسَب کي ڇڏي ڪري ڪنهن ٻئي خاندان سان پنهنجو نَسَب جوڙڻ حَرام ۽ جَنَّت کان مَحروم ڪري دوزخ ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي ۔ ان باري ۾ وڏي سَخت وعيدون حديثن ۾ آيون آهن. جيئن ته

حضرتِ عبدُاللہ بن عَمۡروۡ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان مَروِي آهي: رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جيڪو شَخص پنهنجي پيءُ (کي ڇڏي) غَير کي پنهنجو پيءُ بنائڻ جو دعويٰ ڪري، اهو جَنَّت جي خُوشبو به نه سنگھي سگھندو، جڏهن ته جَنَّت جي خُوشبُو پنج سو (500) سال جي راھ کان سنگھي ويندي۔ (الترغیب والترہیب،کتاب النکاح ،الترہیب أن ینتسب...الخ، ۳/۵۲، الحدیث:۵)

ٻنهي جہانن جي سُلطان، سَروَرِ ذيشان، محبوبِ رَحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نِشان آهي: جيڪو پنهنجي پيءُ (کي ڇڏي) غَير کي پنهنجو پيءُ بنائڻ جي دَعويٰ ڪري، جڏهن ته اهو هي ڄاڻي ٿو ته اهو ان جو پيءُ ناهي، ته ان تي جنَّت حَرام آهي۔ (بُخارِی ،۴ /۳۲۶،حدیث:۶۷۶۶)

شيخِ طريقت، اَمِيرِاہلسنت، حضرت علّامه مَولانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فرمائن ٿا: مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هتي اُهي ماڻهو به عبرت حاصل ڪن جيڪي هنج ورتل ٻار جي دل رکڻ جي لاءِ اُن تي پنهنجو پاڻ کي حقيقي پيءُ ظاهر ڪن ٿا ۽ اُهو به ويچارو سڄي زندگي ان ئي کي پنهنجو حقيقي پيءُ سمجهي ٿو، پنهنجي اصلي پيءُ کي ايصالِ