Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تندرستي ۽ جَواني تي گھمنڊ ڪرڻ ۽ رات ڏينهن گُناهن ۾ضايع ڪرڻ جي بجائي اِخلاص ۽ استقامت سان ذَوقِ عبادت ۽ شوقِ تلاوت جو معمول بڻائي رکي، ايتري ۾جيڪڏهن پوڙهائپ اچي وئي۽ عبادت جي چاھ به باقي رهي ته صِحَّت ۽ همت نه هئڻ جي باوُجُود اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ان لاچاري جي عالَم ۾ به جَواني جي عبادتن جهڙو ثواب ملندو رهندو۔ جيئن ته
حضرت سيدُنا اَنَس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”جڏهن ٻانهو (حالتِ اسلام ۾ نيڪيون ڪندي) عُمر جي ان حصي ۾ پهچي وڃي ته ان کي ڪنهن شيء جي مُتَعَلّق (پہريان کان) علم هئڻ جي باوُجُود (ضرورت موجب) اهو شيء ياد نه رهي، ته اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جي نامهء اَعمال ۾ اهي نيڪيون به لکندو رہندو آهي، جيڪي اهي پنهنجي صحّت جي زماني ۾ ڪندو هو۔([1])
حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا :’’جيڪو پوڙهو ماڻهو پوڙهائپ جي سبب وڌيڪ عبادت نه ڪري سگھي، پر جواني ۾ ڀرپور عبادتون ڪندو رہيو ہو ته اللہ تعاليٰ ان کي مَعذور قَرار ڏيندي ان جي نامهء اَعمال ۾ اها ئي جواني جي عبادت لکندو آهي۔([2])
اِلٰہی ہوں بھُت کمزور بندہ نہ دنیا میں نہ عُقبیٰ میں سزا ہو
(وسائلِ بخشش ص 316)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد