Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

ڪندي نظر اچي رهي آهي۔ موبائل فون جديد ٽيڪنالوجي جو هڪ حصّو، وَقت جي ضرورت ۽ رابطي جو آسان ذريعو آهي۔ جتي هي اسان جي لاءِ مُفيد آهي، اُتي ان جو غلط استعمال تمام ئي نُقصان رسائيندڙ آهي۔ اسان جي اسڪول ۽ ڪالج جا اهي طلبه و طالبات جن کي اسان مُستقبل جو مِعمار چوندا آهيون، اهي ان آفتِ بد جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪو گيمز جو ديوانو آهي ته ڪو فلمي گانن جو شوقين، ڪنهن جو ميموري ڪارڊ بي حَيا ويڊيوز سان ڀريل آهي ته ڪو نائٽ پيڪيجز مان فائدو حاصل ڪندي پُوري پُوري رات بيہودہ ۽ فُحُش گفتگو ۾ گُزاري رهيا هوندا آهن۔ انهي طرح انٽرنيٽ، دورِجديد جي آسان ۽ مُفيد اِيجاد آهي ان جي دِيني ۽ دُنيوي بي شُمار فائدا آهن، پر ان جي ذَريعي نوجوانن ۾ بي شمار بُرائيون عام ٿي رهيون آهن۔

انٽرنيٽ هڪ ڇُري وانگر آهي، جنهن جو صحيح ۽ غلط ٻنهي طرح جو استعمال آهي، پر افسوس! اسان جي معاشري ۾ انٽرنيٽ جو غلط استعمال زياده آهي، انٽرنيٽ تي موجود، فحش مضمون ۽ ڪهاڻيون، بيهوده تصويرون ۽ نفساني خواہشات کي ڀڙڪائڻ واريون بيہودہ فلمون، ڊراما نوجوان نسل جي اَخلاق ۽ ڪردار، عادتن ۽ اطوار کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، پُوري پُوري رات اِنٽرنيٽ تي وڏي بي دردي سان پنهنجو پيسو ۽ قيمتي وقت ضايع ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ماڻهن کي ڌوڪو ڏيڻ، بليڪ ميل ڪرڻ جهڙيون برائيون اسان جي معاشري جي نوجوانن ۾ وڏي تيزي سان عام ٿي رهيون آهن، پہريان ته انٽرنيٽ جو استعمال صرف ڪمپيوٽر تائين محدود هو، پر جڏهن کان هي سہولت موبائل تي موجود ٿي آهي تڏهن کان ننڍي عمر جا ٻار به ان بيماري جو شڪار بڻجي ڪري پنهنجو مستقبل ضايع ڪري رهيا آهن۔ ان بيماري ۾ مبتلا نوجوان تعليم