Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

هوندي آهي، اسلامي ڀائر، اسلامي ڀائرن کان ۽ اسلامي ڀينرون، اسلامي ڀينرن کان پڙهنديون آهن، حُروف جي دُرست ادائيگي سان ۽ قرآن ڪريم سکڻ سان گڏوگڏ مختلف دعائون ياد ڪندا، نماز جا مسائل سکندا ۽ سنتن جي مفت تعليم حاصل ڪندا آهن. تنهنڪري توهان به پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جي لاءِ مدرسة المدينہ بالِغان ۾ ضرور شرڪت فرمايو. اچو ته تَرْغِيب جي لاءِ هڪ مَدني بہار سُنئي۔جيئن ته،

بابُ الۡاسلام (سنڌ) جي مشہور شہر زَم زَم نگر (حيدرآباد) جي مُقيم اسلامي ڀائر (عُمر تقريبًا 28سال) جو بيان آهي: آئون نَائين ڪلاس ۾ پڙھندو هئس ۽ حُصُولِ دُنيا جي جُسۡتجو ۾ مگن هئس۔ منهنجي علائقي جي اسلامي ڀائرن سان منهنجي واقفيت وڌي ته اهي مون کي نيڪي جي دعوت ڏئي ڪري مَسۡجد وٺي آيا۔ جڏهن آئون نَماز پڙھي ڪري مَسۡجد مان نڪرڻ لڳس ته هڪ خَيرخَواھ اسلامي ڀائر (جيڪو مَسۡجد جي دروازي جي ويجھو بيٺل هو) مون کي دَرس ۾ شِرڪت جي گذارش ڪئي۔ آئون دَرسِ فَيضانِ سُنَّت ۾ ويهي رهيس۔ هي منهنجي دعوتِ اسلامي سان رَفاقَت (وابستگي) جي شروعات هئي۔ پوءِ مون اسلامي ڀائرن جي اِنفِرادي ڪوشش مَدرَسَةُ المدينه (بالِغان) ۾ پڙھڻ شُروع ڪري ڇڏيو۔ ہفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ شِرڪت ڪئي، جتي منهنجي جَذبي کي مديني جا ٻارنهن 12 چنڊ لڳي ويا۔ ڪجھ ہفتن کان پوءِ اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو بيان بَذريعهء ٽيليفون رلي ٿيو۔ جنهن کي اجتماع ۾ شريڪ اسلامي ڀائرن وڏي غور سان ٻُڌو۔ بيان کان پوءِ اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن اجتماعي توبھ ۽ بيعت ڪرائي ته آئون به عطّاري بڻجي ويس۔ پوءِ جيئن جيئن وَقت گُذرندو ويو آئون مَدَني ماحول ۾