Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

رَنگجندو ويس۔ آئون پنهنجي ذيلي حلقي ۾ ٻن سالن تائين مَدَني ڪم ڪندو رہيس۔ مَدَني ماحول جي بَرَڪت سان مون کي فِقۡهي مَسائل سان وڏي دِلچَسپي ٿي۔ عِلمِ دِين سکڻ جي جَذبي جي تحت مون 1999ء ۾ جامعةُ المدينه (فيضانِ عثمان غني گلستانِ جوہر باب المدينه ڪراچي) ۾ دَرسِ نَظامي ۾ داخلا ورتي۔ دَرسِ نِظامي سان گڏوگڏ مَدَني ڪم به استِقامت سان ڪرڻ جي سَعادَت حاصل ٿيندي رهي۔ آئون پنهنجي جامِعه ۾مَدَني ڪمن جو خادِم( ذِمه دار) هئس۔ 2005ء ۾ فارِغُ التَّحصِيل هئڻ تي مٺي مٺي مُرشدِ ڪريم اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن منهنجي مٿي تي دَستارِ فَضِيلت جي طور تي سبز سبز عمامو شَرِيف سجايو۔ اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي فيضان جي صَدَقي اڄ به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ رهندي مُختلف شُعبه جات ۽ مدني ڪمن ۾ نيڪي جي دعوت جي ڌُوم مَچائڻ جي سَعادَت حاصل ٿي رهي آهي۔

یہی ہے آرزُو تعلیمِ قرآں عام ہوجائے

تِلاوت کرنا صُبْح و شام میرا کام ہو جائے

مٺامٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعـادت حـاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(ابن عساڪر ج 9 ص 343)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

اچو ته سُنت تي عمل جي نيّت سان هلڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: