Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain
(ڪڏهن ڪڏهن) ڏسڻ ۾ ته برو لڳندو آهي مگر حقيقت ۾ ايئن ناهي هوندو، ممڪن آهي ته ڪرڻ وارو وساري ڪري رهيو هجي يا ڏسڻ وارو ئي پاڻ غلطي تي هجي“ (تفسير ڪبير، ج. 10، ص. 110)
مجھے غیبت و چغلی و بد گمانی کی آفات سے تُو بچا یا الٰہی
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اسرائيلي عبادت گذار ۽ گنهگار
بني اسرائيل جو هڪ شخص جيڪو ڏاڍو گنهگار هو، هڪ ڀيري تمام وڏي عابد (يعني عبادت گذار) وٽان گذريو، جنهن جي مٿي تي بادل( جهڙ) ڇانو ڪري بيٺو هيو. ان گنهگار پنهنجي دل ۾ سوچيو؛ ”مان بني اسرائيل جو انتهائي گنهگار ۽ هي تمام وڏو عبادت گذار آهي، جيڪڏهن مان ان جي ويجهو ويهان ته اميد آهي ته الله تعالٰي مون تي به رحم فرمائي ڇڏيندو“ هي سوچي ڪري اهو ان عابد جي ويجهو ويٺو، عابد کي ان جو ويهڻ ناگوار گذريو، ان دل ۾ چيو؛ ”ڪٿي مون جهڙو عبادت گذار ۽ ڪٿي هي پهرين درجي جو گنهگار! هي مون وٽ ڪئين ويهي سگهي ٿو!“ جيئن ته ان وڏي حقارت سان ان شخص کي مخاطب ٿي چيو ؛ ”هتان اٿي وڃ!“ ان تي الله تعالٰي ان زماني جي نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي وحي موڪلي ته ”انهن ٻنهي کي فرمايو ته اهي پنهنجا عمل نئي سري کان شروع ڪن، مون هن گنهگار کي (ان جي سٺي گمان جي سبب) بخشي ڇڏيو ۽ عبادت گذار جا عمل (ان جي تڪبر جي باعث) ضايع ڪري ڇڏيا“ (احياءُ العلوم الدين، ج. 3، ص. 429)
فخر و غرور سے تُو مجھے بچانا یاربّ مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد