Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain
حسن ظن جو حڪم
صدر الافاضل، حضرت علامه مولانا مفتي سيد نعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گمان جا اقسام ۽ ان جا حڪم بيان ڪندي ارشاد فرمائن ٿا؛ گمان جا گھڻا قسم آهن، هڪ واجب آهي جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ سان سُٺو گُمان رکڻ ۽ ڪڏهن مُسۡتَحبّ جيئن مؤمن صَالح سان چڱو گُمان رکڻ، هڪ ممنوع حرام آهي، اهو الله عَزَّوَجَلَّ کان برو گمان ڪرڻ ۽ مومن کان برو گمان ڪرڻ، هڪ جائز اهو فاسقِ معلن سان اهڙو گمان رکڻ جنهن جا افعال ان مان ظاهر ٿيندا هجن. (خزائن العرفان، پ۲۶، الحجرات تحت الآية ۱۲)
سٺي گمان جي متعلق احاديثِ طيّبه
1. اِنَّ حُسۡنَ الظَّنِّ مِنَ الۡاِیۡمَانِ يعني بيشڪ سٺو گمان رکڻ ايمان جو حصو آهي.
(تفسير روح البيان، ج. 9، ص. 84)
2. شهنشاهِه مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪعبي مُعَظَّم کي مخاطب ٿي ارشاد فرمايو؛ تون پاڻ ۽ تنهنجي فضا ڪيڏي پياري آهي، تون ڪيڏو نه عظمت وارو آهين ۽ تنهنجي حُرمت (يعني عزت) ڪيڏي عظيم آهي، ان پاڪ ذات جو قسم جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي جان آهي! الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو هڪ مؤمن جي جان ۽ مال ۽ ان کان سٺو گمان رکڻ جي حرمت تنهنجي حرمت کان به وڌيڪ آهي. (ابن ماجہ ج 4 ص 319 حديث 3932)
3. حُسۡنُ الظَّنِّ مِنۡ حُسۡنِ الۡعِبَادَۃِ يعني حُسن ظن (سٺو گمان) عمدا عِبادت مان آهي۔ (سُنَنِ ابِي دَاؤد ج 4 ص 388 حديث 4993)