Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته عبادت گذار گنهگار کي ڪمتر ۽ حقير ڄاڻيو ته ان جي تڪبر جي سبب ان جي عبادت ضايع ڪئي وئي، فسادي ۽ گنهگار شخص عبادت گذار کي سٺو ڄاڻيو ۽ ان کان سٺو گمان رکيو ته الله تبارڪ و تعالٰي ان جي بخشش فرمائي ڇڏي.
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا؛ ”سٺي گمان ۾ ڪو نقصان ناهي ۽ بد گماني ۾ ڪو فائدو ناهي“
گمان جي تعريف
هر اهو خيال جيڪو ڪنهن ظاهري نشاني مان حاصل ٿيندو آهي گُمان چورائيندو آهي. انهيءَ کي ظن به چوندا آهن. مثلًا پري کان دونهون اُٿندڙ ڏسي باهه جي موجودگي جو خيال اچڻ.
(مفردات اِمام راغب، ص۵۳۹ ماخوذًا)
گُمان جا قسم
بُنيادي طور تي گُمان (ظن) جا ٻه قسم آهن:
(1) حُسنِ ظن (يعني سُٺو گُمان)
(2) سوءِ ظن (يعني بُرو گمان، انهيءَ کي بدگُماني به چوندا آهن)
حسن ظن جي تعريف
حسن ظن جو مطلب آهي ؛ اِعۡتِقَادُ الۡخَیۡرِ وَالصَّلاحِ فِیۡ حَقِّ الۡمُسۡلِمِیۡنَ يعني مسلمانن جي حق ۾ ڀلائي ۽ خير جو يقين ڪري ڇڏڻ. (مرقاة المفاتيح، ج. 8، ص. 779) جيئن عين جماعت جي وقت ڪنهن کي مسجد مان ٻاهر نڪرندي ڏسي هي گمان ڪرڻ ته هن جو وضو باقي نه رهيو هوندو يا هن کي ڪو ٻيو عذر پيش آيو هوندو.