Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain
ڏاڙهي مبارڪ کان محروم ۽ فرض نمازن ۾ غفلت جو شڪار هيس. اسان جي پاڙي جي مسجد ۾ درسِ فيضانِ سنّت ٿيندو رهندو هو. خوش قسمتي سان هڪ ڏينهن مان به درس ۾ شريڪ ٿي ويس ۽ درسِ فيضانِ سنّت وڏي توجهه سان ٻڌڻ لڳس، جنهن جي برڪت سان علمِ دين سکڻ جو جذبو بيدار ٿيو، نماز، وضو ۽ غسل جا فرائض سکڻ جو ذهن بڻيو. درس کان پوءِ جڏهن اسلامي ڀائرن هڪ ٻئي سان ملاقات ڪئي ته هڪ اسلامي ڀاءُ اڳيان وڌي ڪري مون سان به پر تباڪ انداز ۾ ملاقات ڪئي ۽ مون تي انفرادي ڪوشش ڪندي منهنجو مدني ذهن بڻايو. مون غنيمت جو موقعو ڄاڻي، ان سان شرعي مسائل سکڻ جي جذبي جو اظهار ڪيو، جنهن تي انهن منهنجي ڀرپور حوصله افزائي فرمائيندي شفقت ڀريي انداز ۾ چيو؛ ”درس ۾ شرڪت ڪندا رهو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سکي ويندو“ مون ان کان پوءِ درس ۾ شرڪت جو پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو. هڪ ڏينهن شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بيان ”قبر جي پهرين رات“ ٻڌو ته منهنجا وار اڀا ٿي ويا . منهنجي دل تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ مان پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جي لاءِ مدني ماحول سان وابسطه ٿي ويس. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني ماحول جي برڪت سان مان سنّت جي مطابق زندگي گذارڻ وارو بڻجي ويس. وضو، غسل ۽ نماز کي درست ڪيو، فرض نمازن جي پابندي سان گڏوگڏ قضا عمري جو ذهن بڻيو ۽ نوافل پڙهڻ جي عادت به بڻجي وئي.
صَ صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد