Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain
زبان تي فالج جو اثر هيو ۽ ٻُڌڻ جي قوت به جواب ڏئي چُڪي هئي، هو ڏاڍا خوش عقيدا هئا، انهن هڪ ڀيري افطار جي کاڌي ۾ تمام سٺي گمان سان هڪ مبلغ جو اوبر وارو کاڌو کڻي کاڌو ۽ انهيءَ کان دم به ڪرايو، بس سندن سٺي گمان ڪم ڪري ڏيکاريو، الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت کي جوش آيو، الله عَزَّوَجَلَّ کين تندرست ڪري ڇڏيو. اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ سندن فالج واري بيماري ختم ٿي وئي، انهن هزارين اسلامي ڀائرن جي موجودگيءَ ۾ فيضانِ مدينه جي منچ (يعني اسٽيج) تي چڙهي ڪري وڏي عقيدت سان پنهنجي صحتمند ٿيڻ جي بشارت ٻُڌائي. اها دل خوش ڪندڙ خوشخبري ٻُڌي ڪري فَضا ”الله، الله، الله، الله عَزَّوَجَلَّ “ جي پُرڪيف صدائن سان گونجڻ لڳي، انهن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي مقامي اخبارن هن فرحت بخش خبر کي شايع ڪيو.
دعوتِ اسلامی کی قَیّوم دونوں جہاں میں مچ جائے دھوم
اس پہ فِدا ہو بچّہ بچّہ یااللہ مری جھولی بھر دے
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيئن ته اسان کي هي ناهي معلوم ته ڪهڙو شخص الله عَزَّوَجَلَّ جو ولي ۽ ان جو مقرب ٻانهو آهي. ان لاءِ اسان کي هر هڪ مسلمان ڀاءُ جي اوبر جي قدر ڪرڻ گهرجي. مگر افسوس! اسان جي معاشري ۾ رائج ٿيڻ واري ٻين ڪيترن ئي خلافِ شرع رسمن وانگر بچيل کاڌو به ضايع ڪرڻ جو رجحان به وڌنڌو وڃي ٿو. هر طرف کاڌي جي بي حرمتي جا دلسوز نظارا آهن، گهريلو فنگشنز هجن يا بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي نياز جو تبرڪات، سماجي محافل هجي يا شادي جي تقريبات هر طرف کاڌي کي ضايع ڪرڻ جا افسوس ناڪ مناظر آهن، ٿالهن ۾ بچيل ٿورو