Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

’’بہشت کی کُنجیاں‘‘نهايت ايمان افروز ڪتاب آهي، هن ڪتاب ۾ رنگ برنگي مدني گل انمول قيمتي خوشبو مهڪائي رهيا آهن، اچو ٻڌون ٿا؛ جنت ڇا آهي، جنت ڪٿي آهي؟ جنتون ڪيتريون آهن؟ جنت وارن جي عمر ڪيتري هوندي؟ جنت ۾ وٺي وڃڻ وار عمل ڪهڙا آهن؟ تلاوت قرآن جون برڪتون، شهادت واري درجي جو سولو طريقو، مسلمانن جي پرده پوشي جا فضائل، ماڻهن جون خطائون معاف ڪرڻ جي فضيلت ۽ ڪافي ديني معلومات سان ڀرپور اهو ڪتاب مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري سگھجي ٿو، هن شاندار ڪتاب ۾ شَيخُ الحديث، حضرتِ علّامه مَولانا عبدُ المصطفٰي اَعظمي رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہ   هنن حالتن ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿا؛ هن زماني ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي ماڻهو اهو چئي ڇڏيندا آهن ته مان اڄ کان تنهنجو ڀاءُ نه آهيان ۽ تو منهنجي ڀيڻ نه آهين، اهڙي طرح ڀاءُ ڀاءُ کي چوندو آهي ته مان اڄ کان تنهنجو ڀاءُ نه آهيان ۽ تون منهنجو ڀاءُ نه آهين، اهو قطع رحم يعني رشتن کي ٽوڙڻ آهي جيڪو حرام ۽ جھنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، ان ڪري هر مسلمان کي هميشه ان جو خيال رکڻ گھرجي ته ڪنهن مائٽ کان تعلق نه ٽوڙي بلڪ هميشه ان ڪوشش ۾ لڳل رهي ته رشتيدارن سان تعلق قائم رهي ۽ ڪڏهن به رشتو نه ٽٽي، ڪي ماڻهو اهو چوندا آهن ته جيڪو مائٽ اسان سان تعلق رکندو اسان به ان سان تعلق رکنداسين ۽ جيڪو اسان سان جدا ٿيندو اسان به ان سان جدائي ڪنداسين، اهو چوڻ ۽ اهو طريقو به اسلام جي خلاف آهي (وڌيڪ فرمائن ٿا؛) رشتيدارن سان تعلق ٽوڙڻ جي هڪ ئي صورت جائز آهي اها هي ته شريعت جي معاملي ۾ تعلق ٽوڙيو وڃي مثال طور ڪو رشتيدار جيتوڻيڪ قريبي رشتيدار  ئي ڇو نه هجي، جيڪڏهن اهو مرتد (يعني اسلام کان ڦري وڃي) يا گمراھ ۽ بد دين ٿي وڃي ته پوءِ ان کان تعلق ٽوڙڻ واجب آهي، يا ڪو رشتيدار ڪنهن ڪبيره گناھ ۾ گرفتار آهي ۽