Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat
جڏهن اُهو شخص سڄاڳ ٿيو ته هن پنهنجي مٿان لازم ڪيو ته حضور سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي روزانو هڪ سؤ ڀيرا درود پاڪ پڙهندس، هاڻي هن شخص روزانو سؤ ڀيرا درود پاڪ پڙهڻ پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو. ڪجهه عرصي بعد وري حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ديدار سان مُشرّف ٿيو، پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن فرمايو: مون توکي هاڻي سڃاتو آهي ۽ آئون تنهنجي شَفاعت به فرمائيندس.
(مڪاشفة القلوب، ص 79 ملخصاً)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته درود پاڪ پڙهڻ واري کان نبّي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه صرف خوش ٿيندا آهن بلڪه شربتِ ديدار سان به نوازيندا آهن. تنهنڪري اسان به جيڪڏهن نبيءِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي رِضا چاهيون ٿا ۽ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جا خواهشمند آهيون ته اسان کي ضبح ۽ شام جو وظيفو بنائڻ گهرجي، سچي لگن سان گڏ ان ۾ مگن رهندا سين ته
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اسان تي ڪرم ٿيندو ۽ اسان کي به زيارت نصيب ٿي ويندي.
اعلٰي حضرت، امام اهلسنّت مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن ”الوظيفة الڪريمہ“ ۾ لکن ٿا (درودِ پاڪ) خالص تعظيمِ شانِ اَقدس جي لاءِ پڙهي، هن نيّت کي به (دل ۾) جڳهه نه ڏي ته مونکي زيارت عطا ٿئي، اڳتي انهن جو ڪرم تمام وسيع ۽ بي انتها آهي. منهن مدينهء طيّبه جي طرف هجي ۽ دل حُضورِ اَقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرف،