Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat
غنية الطالبين ۾ آهي ته شعبان المعظم ۾ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪئي ويندي آهي ۽ هي نبيءِ مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود موڪلڻ جو مهينو آهي. (غنية الطالبين، القسم الثالث: مجالس في مواعظ القرآن..... الخ، 342) تنهنڪري ان مهيني ۾ ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهڻ گهرجي. اچو درودِ پاڪ جي عادت ٺاهڻ جي لاءِ هڪ حڪايت ٻڌون ٿا. جيئن ته
شفاعت جي نويد
حجّةالاسلام حضرت سيدنا امام محمد غزالي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ اﷲِ الۡوَالِی ارشاد فرمائن ٿا: هڪ ماڻهو حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود شريف نه پڙهندو هو، هڪ رات خواب ۾ زيارت سان مشرّف ٿيو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن جي طرف توجهه نه فرمائي، هُن عرض ڪيو: ”اي الله عَزَّوَجَلَّ جا رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا توهان مون کان ناراض آهيو؟ ”فرمايائون“ نه. هن شخص پڇيو: پوءِ توهان منهنجي طرف توجهه ڇو نه ٿا فرمايو؟ ”فرمايائون“ ”هن لاءِ جو آئون توکي نٿو سڃاڻان“. هن شخص عرض ڪيو: ”حضور! توهان مونکي ڪيئن نٿا سڃاڻون، آئون ته توهان جي امّت جو هڪ فرد آهيان. ”۽ عُلماء فرمائيندا آهن ته توهان پنهنجي امتين کي ان کان به وڌيڪ سڃاڻيندا آهيو جيئن ڪا ماءُ پنهنجي پُٽ کي سڃاڻيندي آهي. پاڻ فرمايائون: ”عُلماء سچ چيو، پر تون مونکي درود شريف جي ذريعي ياد نه ٿو ڪرين ۽ آئون پنهنجي اُمّت جي ماڻهن کي درود پاڪ پڙهڻ جي سبب سان سڃاڻيندو آهيان، جيتري قدر اُهي مون تي درود پڙهندا آهن ايتري قدر آئون انهن کي سڃاڻيندو آهيان“.