Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

جو ماني به کاڌي هوندي ۽ ضروري حاجتن کان به فراغت حاصل ڪئي هوندي، وڌيڪ فرمائن ٿا: هن حديث مان خبر پئي ته شَعبان ۾ جنهن کي طاقت هجي اهو وڌ کان وڌ روزا رکي. (نزهة القاري، ج. 3، ص. 380)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                           صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

شعبان المعظم پسنديده مهينو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شعبان المعظم اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو پسنديده مهينو هو. جيئن ته اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان مروي آهي ته سرڪارِ نامدار، سُرور قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پسنديده مهينو شعبان المعظم هو ته ان ۾ روزا رکندا هئا پوءِ ان کي رمضان المبارڪ سان ملائي ڇڏيندا هئا. (ابو دائود، ج. 2، ص. 476، حديث 2431) پڻ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي طرف منسوب ڪندي هي به ارشاد فرمايو: شَعْبَانُ شَھْرِیْ وَرَمَضَانُ شَھْرُ اللہ يعني  شعبان منهنجو  مهينو آهي ۽ رمضان الله عَزَّوَجَلَّ جو مهينو آهي.

                                (جامع الصغير، حرف الشين، ص. 301، حديث 4889)

علامه عبد الرؤف مُناوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: رحمتِ عالم، نور مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن شعبان المعظم کي انهيءَ لاءِ پنهنجو مهينو فرمايو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن مهيني ۾ (ڪثرت سان نفل) روزا رکندا هئا ڇاڪاڻ ته هي روزا پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي واجب نه هئا ۽ رمضان المبارڪ