Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat
جلوه گر ٿيندو ته انهن جي خوشي جي ڪا انتهاء نه رهندي ۽ انهن جي عبادت جو شوق وڌيڪ وڌي ويندو هو، جيئن ته
صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۽ استقبالِ شعبان
حضرتِ سَيّدُنا اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”شعبان جو چنڊ نظر ايندي ئي صحابہءِ ڪرامعَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ مشغول ٿي ويندا هئا، پنهنجي مال جي زڪوٰة ڪڍندا هئا ته جيئن ڪمزور ۽ مسڪين ماڻهو رمضان جي روزن لاءِ تياري ڪري سگھن، حڪمران قيدين کي گھرائي جنهن تي ”حد“ (سزا) قائم ڪرڻي هوندي هئي ان تي حد قائم ڪندا هئا، باقي ٻين کي آزاد ڪري ڇڏيندا هئا، واپاري پنهنجا قرض ادا ڪري ڇڏيندا هئا، ٻين کان پنهنجا قرض وٺي ڇڏيندا هئا، (ائين رمضان المبارڪ جي مهيني جو چنڊ نظر اچڻ کان اڳ ئي پنهنجو پاڻ کي فارغ ڪري ڇڏيندا هئا) ۽ رمضان شريف جو چنڊ نظر ايندي ئي غسل ڪري (ڪجھ ماڻهو) اِعتِڪاف ۾ ويهي رهندا هئا. (غنية الطالبين ج 1 ص 341)
آ گیا رمضاں عبادت پر کمر اب باندھ لو
فیض لے لو جلد یہ دن تِیس کا مہمان ہے
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن جو سالن کان هي معمول آهي ته پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ماهِ شعبان المعظم ۾ نه صرف پاڻ ڪثرت سان نفلي عبادتون بجا آڻيندا آهن بلڪه