Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat
پاره 25 سورة الدخان جي آيت نمبر 3 ۽ 4 ۾ خداءِ حنّان و منّان عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو:
اِنَّاۤ اَنۡزَلۡنٰہُ فِیۡ لَیۡلَۃٍ مُّبٰرَکَۃٍ اِنَّا |
| ترجمو ڪنز لايمان: بيشڪ اسان ان کي برڪت واري رات ۾ لاٿو بيشڪ اسان ڊيڄاريندڙ آهيون. ان ۾ ورهايو ويندو آهي هر حڪمت وارو ڪم . |
مفسر شهير، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّانْ بيان ڪيل آيتِ مبارڪه جي تحت فرمائن ٿا: هن رات مان مراد يا شبِ قدر آهي (يعني رمضان المبارڪ جي) 27 وين رات يا شبِ معراج يا شب براءت (يعني 15 وين) شعبان. هن رات ۾ پورو قرآن لوحِ محفوظ کان دنياوي آسمان جي طرف لاٿو ويو پوءِ اتان کان 23 سال جي عرصي ۾ ٿورو ٿورو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي نازل ٿيو. هن آيت مان معلوم ٿيو ته جنهن رات ۾ قرآن نازل ٿيو اها مبارڪ آهي ته جنهن رات ۾ صاحبِ قرآن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف کڻي آيا اها به مبارڪ آهي. هن رات ۾ سڄي سال جو رزق، موت، زندگي، عزت و ذلت، غرض تمام انتظامي امور لوحِ محفوظ کان فرشتن جي صحيفن ۾ نقل ڪري هر صحيفو ان محڪمي جي فرشتن کي ڏئي ڇڏيندا آهن. جيئن ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي سڀني مرڻ وارن جي فهرست وغيره. (نور العرفان، ص. 790)