Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

1.         مسجد ۾ جيڪڏهن نڇ اچي ته ڪوشش ڪريو ته آهسته آواز نڪري، اهڙي طرح کنگ (۾ به). (حديث ۾ آهي:) اَنَّ رَسُولَ اللہِ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَسَلَّمَ کَانَ یَکْرَہُ الْعَطْسَۃَ الشَّدِیْدَۃَ فِی الْمَسْجِدِ (يعني) الله عَزَّوَجَلَّ جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسجد ۾ زور جي نڇ کي ناپسند فرمائيندا هئا. (شعب الايمان، ج. 7، ص. 32، حديث 9356)

2.           اهڙي طرح اوگرائي کي ضبط ڪرڻ گهرجي ۽ نه ٿئي ته  حتي الامڪان آواز دٻائي وڃي اگرچه غيرِ مسجد ۾ هجو خصوصًا مجلس ۾ يا ڪنهن  معظم (هستي) جي سامهون ته (بلند آواز سان اوگرائي ڏيڻ) بي تهذيبي آهي. حديث ۾ آهي: هڪ شخص دربارِ اقدس (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۾ اوگرائي ڏني (ته) فرمايائون:      کُفَّ عَنَّا جُشَاءَکَ فَاِنَّ اَکْثَرَ ھُمْ شِبَعًا فِی الدُّنْیَا اَطۡوَلُہُمۡ جُوْعًا یَوْمَ الْقِیَامَۃِ (يعني) اسان کان پنهنجي اوگرائي پري رک ته دنيا ۾ جيڪو زياده مُدت تائين پيٽ ڀري ٿو اهو قيامت جي ڏينهن زياده مدت تائين بکيو رهي ٿو. (ترمذي، باب. 37، ج. 4، ص. 217، حديث 2486)

اوٻاسي ۾ آواز نڪرندو هجي ته ............. اگرچه غير مسجد ۾ اڪيلا هجو ته اهو شيطان جو قهقهو آهي. اوٻاسي جڏهن اچي ته حتي الامڪان منهن بند رکو، منهن کولڻ سان شيطان منهن ۾ ٿڪي ڇڏيندو آهي. ايئن نه رڪجي ته مٿان جي ڏندن سان هيٺين چپ کي دٻائي ڇڏيو ۽ ايئن به نه رُڪجي ته حتي الامڪان (منهن) گهٽ کوليو ۽ کاٻو هٿ الٽي طرف کان منهن تي رکي ڇڏيو ايئن ئي نماز ۾ به پر حالتِ قيام ۾ ساڄو هٿ الٽي طرف کان رکي ڇڏيو ڇو جو الٽو هٿ رکڻ ۾ٻئي هٿ پنهنجي مسنون جڳهه تان