Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

اَبْلُغُ الثَّنَاءَ عَلَيْكَ اَنْتَ كَمَا اَثْنَيْتَ عَلٰى نَفْسِكَ (يعني اي الله عَزَّوَجَلَّ) مان تنهنجي عذاب کان تنهنجي معافي، تنهنجي ناراضي کان تنهنجي رضا ۽ تون کان تنهنجي پناهه طلب ڪريان ٿو، تنهنجي تعريف بلند آهي، مان تنهنجي تعريف جو حق ادا نه ٿو ڪري سگهان، تنهنجو حقيقي شان اهو ئي آهي جيڪو تو پاڻ بيان فرمايو.

حضرت سيدنا جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم رات جي چوٿين پهر نازل ٿيا ۽ عرض ڪيائون: اي محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! پنهنجو سِر مبارڪ آسمان جي طرف مٿي کڻو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو سر مبارڪ آسمان جي طرف مٿي کنيو ته ڏٺائون ته رحمت جا دروازه کليل آهن. پهرين دروازي تي هڪ فرشتو هيئن پڪاري رهيو هو ته مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات عبادت ڪري، ٻئي دروازي تي هڪ فرشتو هيئن پڪاري رهيو ته مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات سجدو ڪري، ٽيئن دروازي تي هڪ فرشتو ندا ڪري رهيو هو مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات رڪوع ڪري چوٿين دروازي تي هڪ فرشتو پڪاري رهيو هو مبارڪ هجي ان کي  جيڪو هن رات ۾ پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ کان دعا گهري، پنجين دروازي تي به هڪ فرشتو هيئن پڪاري رهيو هو ته مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات پنهنجي رب تعالٰي سان مناجات ڪرڻ ۾ مشغول هجي ڇهين دروازي تي به هڪ فرشتو پڪاري رهيو هو ته هن رات ۾ مسلمانن کي مبارڪ هجي ستين دروازي تي به هڪ فرشتو پڪاري رهيو هو ته خدا تعالٰي کي هڪ مڃڻ وارن کي مبارڪ هجي، اٺين دروازي تي به هڪ فرشتو