Maut kay Qasid

Book Name:Maut kay Qasid

گھرجن۔ اسان جا بُزرگانِ دِين ائين ته پنهنجي سموري زندگي فڪرِ آخرت ۽ اَحڪامِ خُداوَندي جي بجا آوري ۾ ئي بسر ڪندا هئا پر جڏهن انهن کي پنهنجي ڏاڙھي يا مٿي جي وارن ۾ هڪ اڇو وار نظر ايندو هو ته خَلْوَت نشيني اِخْتيار ڪندا هئا ۽ هر وَقْت الله عَزَّوَجَلَّ جي عِبادَت ۽ رِياضَت ۾ مَشغُول ٿي ويندا هئا۔جيئن ته

خلوت نشين بزرگ

  حضرتِ سيدُنا اياس بن قتاده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي قوم جا سردار هئا۔ هڪ ڏينهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن پنهنجي ڏاڙھي ۾ هڪ سفيد وار ڏٺو ته دُعا ڪئي:'' يا الله عَزَّوَجَلَّ! مان اوچتو ٿيڻ وارن حادِثن کان تنهنجي پناھ چاهيان ٿو، مون کي معلوم آهي ته موت منهنجي تاڪ ۾ آهي ۽ مان ان کان بچي نٿو سگھان۔'' پوءِ اُهي پنهنجي قوم وٽ تشريف وٺي ويا ۽ فرمائڻ لڳا:'' اي بنو سعد! مون پنهنجي جواني توهان تي وَقْف ڪري ڇڏي هئي هاڻي توهان مون کي منهنجي پوڙهائپ بخشي ڇڏيو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي گھر تشريف فرما ٿيا ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا ايستائين جو سندن وِصال ٿي ويو۔

 (بحر الدموع،ص۱۱۲ )

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پُوڙھو ماڻهو موت جي گھڻو ويجھو هوندو آهي پر ان جي باوجود ڪي ماڻهو هن عمر ۾ به گُناهن جي دَلْدَل ۾ ڦاٿل رهندا آهن ۽ گار گند، فلمون ڊراما، ڪوڙ، غيبت، چُغْلي کان پاسو نه ڪري سگھندا آهن ۽ مال ڪمائڻ جي ڌُن انهن تي سوار رهندي آهي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ اچي ٿو ته حُسنِ اَخلاق جي پيڪر،