Maut kay Qasid

Book Name:Maut kay Qasid

2.    تنهنجو فيصلو ته مٿي جي سفيديءَ ( يعني اڇائڻ) ڪري ڇڏيو پر پوءِ به تون دنيا ڏانهن متوجهه ٿئين ٿو ۽ ناپائيدار (دنيا) توکي ڌوڪو ڏئي رهي آهي۔

3.    ناپائيدار دنيا ۽ (ان تي) افسوس ڪرڻ ڇڏي ڏي، جو هڪ ڏينهن تون به مرڻ وارو آهين ۽ اهڙي مضبوط ارادي سان اڳتي وڌ جنهن ۾ ڪنهن بيهودگيءَ جي ملاوٽ نه هجي۔

آخِرت جي مُقابلي ۾ دُنيا جي حيثيت

 حضرتِ سَيدُنَا مُسْتَورِد بِن شَدَّاد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مَروِي آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي مَحبوب ، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: ”الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! آخرت جي مُقابلي ۾ دُنيا ايتري آهي جيئن ڪو پنهنجي هن اڱر کي سمنڊ ۾ وجھي ته اهو ڏسندو ته ان جي اڱر ۾ ڪيترو پاڻي آيو۔“ ( صَحِيح مُسلِم،ص۱۵۲۹،حديث۲۸۵۸ دار ابن حزم بيروت)

 مُفَسِّرِشهير حڪيمُ الْاُمَّت حضر تِ مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فر مائن ٿا: اها (مثال) به فقط سمجھائڻ جي لاءِ آهي، نه ته فاني ۽ مُتَـناهي (ختم ٿيڻ واري ۽ اِنتها تائين پهچڻ واري دُنيا) کي باقي غير فاني غير مُتَـناهي (هميشه باقي رهڻ واري آخرت) کان (ايتري) به نسبت ناهي جو ڀِڄيل اڱر جي تَري کي سمنڊ سان آهي۔ خيال رهي ته دنيا اها آهي جيڪا الله کان غافل ڪري ڇڏي، عاقِل(عقلمند) عارف جي دُنيا ته آخِرت جي کيتي آهي، اُن جي دُنيا نهايت ئي عظيم آهي، غافل جي نماز به دُنيا آهي، جيڪا هو نام و نُمود جي لاءِ اَدا ڪندو آهي، عاقِل جو کائڻ پيئڻ، سمهڻ جاڳڻ بلڪ جيئڻ مرڻ به دِين آهي جو