Maut kay Qasid

Book Name:Maut kay Qasid

مدني عطيات جي ترغيب

دعوتِ اسلامي تبليغِ قرآن وسنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ آهي، جنهن جو مدني پيغام هينئر تائين تقريباً 200 ملڪن ۾ پهچي چڪو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـهعَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي خدمتِ دِين جي تقريباً 103شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، صرف جامعة المدينه(للبنين و للبنات)، مدرسة المدينه (للبنين و للبنات)، مدرسة المدينه آن لائن (للبنين و للبنات) ۽ مدني چينل جا سالانه اخراجات ڪروڙين نه اربن روپين ۾ آهن، دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ زڪوٰة ، صدقات، عطيات ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي رِشتيدارن، پاڙيسرين، دوستن تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل ٻڌائي مدني عطيات جمع ڪيو۔فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: صدقو بُرائي جا 70 دروازا بند ڪندو آهي،فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: صدقو بُري موت کي روڪيندو آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! 15 شعبان جي روزي جي هڪ خاص فضيلت آهي، اچو ٻڌو ۽ روزو رکڻ جو ذهن بنايو جيئن

15شَعبان جو روزو

حضرتِ سَيدُنا علي المُرتَضٰي، شيرِ خدا کرم الله تعاليٰ وجهه الکريم کان مروي آهي ته نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عظيم آهي: جڏهن 15 شعبان جي رات اچي ته هن ۾ قيام (يعني عبادت) ڪيو ۽ ڏينهن ۾ روزو رکو۔ بي شڪ الله عَزَّوَجَلَّ غروب آفتاب کان آسمانِ دنيا تي خاص تجلي فرمائي ٿو ۽ چوي ٿو:’’آهي ڪو مون کان