Allah walon kay Rozay

Book Name:Allah walon kay Rozay

زمين برابر به سون ڏنو وڃي ته تڏهن ان جو ثواب پُورو نه ٿيندو، اُن جو ثواب ته قيامت جي ڏينهن ئي ملندو۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنَّت،باني دعوتِ اسلامي، حَضْرتِ علّامه مَولانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادرِي رَضَوي ضِيائي
دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه کي به نفل روزن سان گھڻو پيار آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو پاڻ دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سال جي ممنوع ڏينهن کان علاوه اڪثر روزي سان هوندا آهن۔ اِن کان علاوه سڄي رَجَب ۽ ٻين مُقدَّس مهينن جي روزي رکڻ سان گڏوگڏ هر سومر شريف جو روزو رکڻ جي به ڀرپُور ترغيب ڏياريندا آهن۔ سندن ترغيب جي بدولت کوڙ سارا اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون رَجَبُ الْمُرَجَّب جا سمورا نه ته اڪثر ڏينهن روزا رکڻ جي سعادت به حاصل ڪندا آهن ۽ سومر شريف جو روزو رکڻ وارن جو به هڪ وڏو تعداد آهي۔

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”يوم تعطيل براءِ اِعتِڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪ بنجڻ بنائڻ، دُنيا ۽ آخرت ۾ عظمت ماڻڻ، مُعاشري مان بي حيائي جي سيلاب کي روڪڻ، موسم جي گرمي جي پرواھ ڪرڻ بغير اِستقامت سان رَمَضانُ المُبارَڪ جا روزا رکڻ ۽ نفلي روزن جو جذبو به پنهنجي دل ۾ بيدار ڪرڻ جي لاءِ دعوت ِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ وڌيڪ تَرقّي جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ به وڌ کان وڌ حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”يومِ تَعْطِيل براءِ اِعْتِـڪاف“ به آهي ان



[1]مسندابی یعلى ،مسند ابی ھریرۃ،۵/۳۵۳، حدیث: ۶۱۰۴