Book Name:Allah walon kay Rozay
نماز و روزہ وحَجّ و زکوٰۃ کی توفیق | عطا ہو اُمّتِ محبوب کو سَدا یارَبّ |
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته روزو رکڻ جا ڪيترا عظيمُ الشّان فضائل قرآن ۽ حديث ۾ بيان ڪيا ويا آهن جو روزيدارن جي لاءِ نه صرف بخشش و مغفرت ۽ عظيم اجر و ثواب آهي، بلڪ خير تي خاتمي جي خُوشخبري آهي، تنهنڪري اسان کي به رِضاءِ الٰهي جي لاءِ روزي جهڙي عظيم عبادت جو ذوق و شوق پنهنجي دل ۾ پيدا ڪرڻ گھرجي، بلڪ هن مُعاملي ۾ الله وارن جي نقشِ قدم تي هلڻ گھرجي جو اهي حضرات روزي جي ڪري بُک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ ۾ سردي گرمي جي ڪا پرواھ نه ڪندا هئا بلڪ انتهائي سخت گرمي ۾ به روزو رکندا هئا اچو هن باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌون ٿا، هن جي برڪت سان اسان ۾ به اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ روزو رکڻ جو جذبو وڌندو جيئن
قيامت جي سخت اُڃ مان ڇوٽڪارو
حضرتِ سيدُناابُو موسيٰ اَشْعَرِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا:هڪ ڀيري اسان سامونڊي رستي تان جهاد جي لاءِ وڃي رهيا هئاسين، اسان جي ٻيڙي سمنڊ جو سينو چيرندي منزل ڏانهن وڌي رهي هئي، ايتري ۾ هڪ غيبي آواز سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، ڪو چوڻ وارو چئي رهيو هو: اي ٻيڙي وارؤ! ترسو! مان اوهان کي هڪ اَهم ڳالھ ٻڌايان ٿو، اهو آواز ڇھ، ست(6،7) ڀيرا ٻڌڻ ۾ آيو ته مان ٻيڙي جي چبُوتري تي بيهي رهيس ۽ چيو: تون ڪير آهين ۽ ڪٿي آهين؟ ڇا تو کي خبر آهي ته اسان هن وقت ڪٿي آهيون؟ اسان سمنڊ جي وچ ۾ ڪهڙي طرح بيهي سگھون ٿا؟ اڃا مون