Allah walon kay Rozay

Book Name:Allah walon kay Rozay

گرمي جا روزارکڻ جو انعام

حضرت فقيه ابُو اللَّيث سمرقندي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن ماڻهو قبرن مان بکايل اُڃايل اٿندا ته جنهن شخص گرمي جي ڏينهن ۾ نفلي روزا رکيا هوندا الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي لاءِ جنّت جا کاڌا ۽ جنّتي مشروبات موڪليندو، اُن جو روزو ايندو ۽ حوض تان ماڻهن کان هٽائيندي جام ڀري ڀري ان کي خُوب سيراب ڪندو۔([1])

قبر مان مُشڪ جي خُوشبو

حضرتِ سيّدُنا عبدالله بن غالب حدّاني قُدِّسَ سِرُّ ہُ الرَّبَّانِی جي تدفين کان پوءِ سندن جي قبر شريف جي مٽي مان مُشڪ جي خوشبو ايندي هئي۔ ڪنهن خواب ۾ ڏسي پُڇيو مَا صنعتَ؟ يعني اوهان سان ڇا معاملو ڪيو ويو؟ چيائون،”سٺو معاملو فرمايو ويو۔“ پُڇيائين اوهان کي ڪيڏانهن نيو ويو؟ فرمايائون۔ ”جنّت ۾“ پُڇيائين، ”ڪهڙي عمل جي سبب؟“ فرمايائون؛ ايمانِ ڪامل، تهجُّد، ۽ گرمين جي روزن جي سبب،“ وري پُڇيائين؛ ”اوهان جي قبر مان مُشڪ جي خوشبو ڇو اچي رهي آهي؟“ ته جواب ڏنائون: ”هي منهنجي تلاوت ۽ روزن جي اُڃ جي خوشبو آهي۔“ ([2])

روزي سان صحت ملندي آهي

مـــــــيـنهمـــدينهامير المؤمنين حضرتِ مولاءِ ڪائنات، عليُّ الۡمرتضيٰ شيرِ خُدا
كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کان مروي آهي، الله  عَزَّوَجَلَّ جي پياري رسول، رسولِ



[1]قرۃ العیون ومفرح القلب المحزون،الباب السادس فی عقوب النائحۃ، ص۳۹۶،رقم:۲۰۲

[2]حلیۃ الاولیا،مغیرۃ بن حبیب،۶/۲۶۶،حدیث:۸۵۵۳