Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ وَالصَّلٰوة وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الۡمُرۡسَلِیۡنط

اَمَّا بَعۡدُ! فَاَعُوۡذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیۡطٰنِ الرَّجِیۡم ط بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمط

پيءُ اولاد جي تربيت ڪيئن ڪري

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا رَسُولَ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا حَبِیۡبَ اللہ

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا نَبِیَّ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا نُوۡرَ اللہ

نَـوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِکاف
 (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب پڻ ملندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرُودِپاڪ جي فضيلت

سرڪارِ مدينه، راحتِ قَلب وسينهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: ”اَوْلَی النَّاسِ بِیْ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ اَکْثَرُہُمْ عَلَیَّ صَلَاۃً، يعني قيامت جي ڏينهن ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ منهنجي ويجھو اهو شخص هوندو جيڪو سڀ کان وڌيڪ مون تي دُرُود شريف پڙھندو هوندو۔‘‘

(ترمذي،أبواب الوتر،باب ماجاء في فضل الصلاۃ علي النبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ،۲/۲۷،حديث:۴۸۴)

مُفسّرِ شهيرحڪيم الاُمَّت حضرت مُفْتِي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تَحت ارشاد فرمائن ٿا: ”قيامت ۾ سڀ کان وڌيڪ آرام ۾