Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay
نيڪ سيرت، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۽ شريعت وسُنَّت جا پيڪر هئا، اڪثر نگاهون هيٺ رکي ڪري هلڻ جا عادي هئا، سندن دل ۾ دنياوي مال ودولت گڏ ڪرڻ جي لالچ بلڪل نه هئي۔ ابوعطار حاجي عبدالرَّحمن قادِري صاحب مسجدن سان مَحَبَّت ۽ انهن جي خوب خدمت ڪندا هئا۔ 1979 ۾ جڏهن شَيخِ طريقت، اميرِاَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ’’ڪولمبو‘‘(سي لنڪا) تشريف وٺي ويا ته اتي جي ماڻهن کي والد صاحب کان گھڻو متاثر ڏٺائون، ڇوته سندن والد صاحب اتي جي عاليشان حَنَفي ميمن مسجد جا انتظامات سنڀاليندا هئا ۽ ان مسجد جي ڪافي خدمت به ڪئي هئي۔ پاڻ سلسله عاليه قادِريه ۾ بيعت هئا ۽ قصيده غوثيه جو وِرد ڪندا ها، ڪولمبو ۾ قيام دوران اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ماسڙ گفتگو دوران سندن کي ٻڌايو ته مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته جڏهن کٽ تي ويهي اوهان جا والد صاحب قصيدهءِ غوثيه پڙھندا هئا ته انهن جي کٽ زمين کان بلند ٿي ويندي هئي۔
واہ واہ کیا ہے رُتبہ ابو عطارؔ کا |
ہے کرم ان پر خدا اور میرے سرکار کا |
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
حج جي سفر ۾ وصال
اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه عالَمِ شِير خوارگي (يعني کير پيئڻ جي عمر) ۾ ئي هئا جو سندن والد ِ محترم ۱۳۷۰ھ مطابق1951ء ۾ سفرِ حج تي روانا ٿيا۔ حج جي ڏينهن ۾ منٰي ۾ سخت لُو (يعني گرم جهولا) هلڻ جي ڪري ڪيئي