Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay
ٿيندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مجبوريءَ جي سبب، پيءُ انهن جي ڪا خواهش پوري نه ڪري سگھي ته ٻار روئڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ پيءُ چاهندي، نه چاهندي انهن جي ڳالھ مڃڻي ئي پوندي آهي، جڏهن ٻار جو اهو ذِهن بڻجي ويندو آهي ته’’جيڪو روئيندو آهي ان جو ڪم ٿيندو آهي‘‘ ته پوءِ روز روز روئي رڙيون ڪري نئيون نئيون فرمائشون پوري ڪرائڻ انهن جو معمول بڻجي ويندو آهي،اهڙي طرح اهو سلسلو گھٽ ٿيڻ بدران وڌيڪ وڌندو ويندو آهي۔ تنهنڪري هن جو حل هي آهي ته ٻارن جي بي جا ضد جي اڳيان پاڻ کي بي وس سمجھي انهن جي هر ڳالھ ۽ مُطالبن کي پورو ڪرڻ کان پاسو ڪجي، نه ته اهو لاڏ پيار انهن جي بگڙجڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔
(2) اولاد تي ڪڙي نظر رکو
اهڙي طرح پيءُ جي هڪ ذِمّيداري اها به آهي ته پنهنجي اولاد تي ڪڙي نظر رکي جو ان جو اٿڻ ويهڻ ڪن ماڻهن سان آهي، پر في زمانو ماڻهو ان تي توجهه نٿا ڏين ۽ ڪجھ کي اهو به چوندي ٻڌو آهي ته اسان جي گھر جو ماحول سُلجھيل آهي، اسان پنهنجي ٻار جي سٺي تربيت ڪئي آهي، اسان کي يقين آهي ته اهو ڪنهن غلط رستي تي نٿو وڃي سگھي، ٿي سگھي ٿو ته اوهان جي گھر جو ماحول سٺو هجي پر اوهان جو ٻار جنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ ويندو آهي، يا گھٽي پاڙي جي دوستن سان اٿڻ ويهڻ آهي، انهن ۾ هر طرح جا چڱا بُرا ماڻهو هوندا آهن، هن ڳالھ جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته ان کي اتي به گھر جهڙو ئي ماحول ميسر هوندو۔ پر پيءُ انهيء خوش فهمي ۾ مبتلا رهندو آهي ته منهنجو پٽ نهايت شريف آهي ۽ پٽ بُرن دوستن جي صحبت ۾ ڦاسجي جرم جي دنيا ۾ غرق ٿي ويندو آهي ۽ پيءُ کي ان وَقت هوش ايندو