Barakate Makkah Aur Madinah

Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah

گھرجي۔ (ڪنز العمال،ڪتاب الفضائل،فضائل الامڪنۃ والازمنۃ،فضائل المدينۃ…الخ،الجزء۱۲،۶/ ۱۱۶، حديث: ۳۴۹۳۸)

مديني شريف کي يثرِب چوڻ ته ايتري قدر بُرو آهي جو عُلماء ڪرام
 رَحِمَهمُ اللّٰه ُ السَّلَام مدينَه طيبّه کي يثرِب چوڻ ناجائز ۽ گناه قرار ڏنو آهي جيئن

اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاه امام احمدرضا خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفتاويٰ رضويه شريف ۾ فرمائن ٿا: فتاويٰ رضويه جلد 21 صفحي 116 تي آهي؛ مدينه طيبه کي يثرب چوڻ ناجائز، منع ۽ گناھ آهي ۽ چوڻ وارو گنهگار۔

رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا ته جيڪو مديني کي يثرب چوي ته ان تي توبهه واجب آهي، مدينو طابه آهي، مدينو طابه آهي۔ علامه مَناوي (حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب ) جامع صغير جي شرح ۾ فرمائن ٿا؛ ان حديث مان خبر پئي ته مديني طيبه جو يثرب نالو پڪارڻ حرام آهي۽ يثرب چوڻ تي توبهه جو حڪم فرمايو ويو ۽ توبهه گناھ کان ئي ٿيندي آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۲۱/۱۱۶بتغير قليل)

محفوظ سدا رکھنا شہا! بے اَدَبوں سے

 

اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے اَدَبی ہو

 (وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۳۱۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڪتاب ”عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حرمين شريفين جي برڪتن سان مالامال ٿيڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اَمِيرِاَهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَوْلانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي تصنيف بنام ”عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون ۽ مڪي مديني جون زيارتون“ ڪتاب جو مُطالعو فرمايو۔ جنهن ۾ پاڻ زائرينِ مدينه جون51، مشهور عاشقِ رسول بزرگ حضرت سَيدُنا امام مالڪ جون 12، حاجين جون 42، عورتن جون 6، علماء اَهلسنّت جون 17، جنات جون 7 ۽ حيوانات جون 9 عِشق و محبت سان ڀرپور حڪايتون تحرير