Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah
نه عمدا آهن؟ فرمايائون؛ مان اهي سڀ توهان کي تحفي ۾ ڏيان ٿو، مون عرض ڪيو؛ پنهنجي لاءِ ته هڪ گھوڙو رکي ڇڏيو۔ فرمايائون؛ مون کي الله تعاليٰ کان حياءُ ٿو ٿئي جو ان مبارڪ زمين کي پنهنجي گهوڙي جي پيرن هيٺان لتاڙيان جنهن ۾ الله جا محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما آهن۔
(احياء العلوم ،۱/۱۱۴ملخصاً)
ہاں ہاں رہِ مدینہ ہے غافل ذرا تو جاگ |
| او پاؤں رکھنے والے یہ جا چشم و سر کی ہے |
اللہ اکبر! اپنے قدم اور یہ خاکِ پاک |
| حسرت ملائکہ کو جہاں وَضْعِ سَر کی ہے |
(حدائقِ بخشش،ص۲۱۷)
شرحِ ڪلامِ رضا: پهرين شعر ۾ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زائرِ مدينه کي نصيحت جا مدني گل ڏيندي فرمائن ٿا ته اي عاشقِ مدينه! ياد رک! تون ڪنهن معمولي جڳھ ڏانهن نه وڃي رهيو آهين بلڪ مديني جي سفر تي وڃي رهيو آهين، تنهنڪري غفلت کي ڇڏ ۽ عشقِ رسول سان سرشار ٿي هل ۽ ياد رک ته راھ مدينه جي عظمت ته هي آهي جو هن تي پير رکي هلڻ جي بدران اکين ۽ مٿي ڀر هلڻ گھرجي۔
ٻي شعر ۾ سرزمينِ مدينه سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته الله اکبر! اسان جا قدم ان خاڪ پاڪ تي آهن جنهن کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن شريفن کي چمڻ جي سعادت ملي ۽ جتي ملائڪ به پنهنجي مٿي رکڻ جي حسرت رکندا آهن۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو سفرِ مدينه
عاشق ماھِ رسالت، اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت، مجدد دين ۽ ملت مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن پنهنجي ٻئي حج جي سفر ۾ حج جا رڪن ادا ڪرڻ کان پوءِ شديد عليل (يعني سخت بيمار) ٿي پيا، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه