Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah
اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ وَالصَّلٰوة وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الۡمُرۡسَلِیۡنط
اَمَّا بَعۡدُ! فَاَعُوۡذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیۡطٰنِ الرَّجِیۡم ط بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمط
مڪي ۽ مديني جون برڪتون
اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا رَسُولَ اللہ |
| وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا حَبِیۡبَ اللہ |
اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا نَبِیَّ اللہ |
| وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا نُوۡرَ اللہ |
نَـوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِکاف
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب پڻ ملندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔
دُرُودِپاڪ جي فضيلت
نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ دلنشين آهي: جڏهن جُمعرات جو ڏينهن ايندو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ ملائڪن کي موڪليندو آهي جن وٽ چاندي جا ڪاغذ ۽ سون جا قلم هوندا آهن اُهي خميس ۽ جُمعي جي رات مون تي ڪثرت سان دُرُودِ پاڪ پڙھڻ وارن جا نالا لکندا آهن۔ ([1])
پڑھتا رہوں کثرت سے دُرُود اُن پہ سَدا مَیں
اور ذِکْر کا بھی شوق پئے غوث و رضا دے
(وسائلِ بخشش،ص۱۱۴)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد