Book Name:Huzor ka bachpan

اسان ڇا لڳائي سگھون ٿا ڇوته جيڪي پنهنجي والده جي بطنِ اقدس ۾ لوحِ مَحفُوظ تي هلندڙ قلم جو آواز ٻڌن ۽ جُھولي ۾ پنهنجي آڱر کي حَرڪت ڏين ته چنڊ سندن دل وندرائي جڏهن ننڍپڻ هي آهي ته جواني ۾ سندن شان جو عالَم ڇا هوندو، مقصد ته  پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جواني نور جي باغ جو هڪ حَسِين گل هئي جنهن جون ڪجھ عجيب ئي شان هو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

”سيرتِ مصطفيٰ“ ۽ سيرتِ رسولِ عربي جو تعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سرڪارِ نامدار، ٻنهي جھانن جي مالڪ ۽ مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضائل ۽ ڪمالات ۽ سندن ننڍپڻ جي باري ۾ وڌيڪ مَعلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب ”سيرتِ مُصْطَفيٰ ۽ سيرتِ رسول عربيجو مُطالعو نهايت مُفيد آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ هنن ٻنهي ڪتابن ۾ اِعلانِ نُبوّت ۽ هجرت کان پهريان ۽ بعد جا واقعا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اِختِيارات، ننڍپڻ ۽ خانداني حالات ۽ غزوات جي واقعن کان علاوه جمادات (يعني بي جان شين)، نباتات (وڻن وغيره)، حيوانات ۽ جِنّات وغيره جي باري ۾ مُعجزن کي به نهايت عُمده انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اڄ ئي هن  ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان ھَدِيو ڏئي طَلَب فرمائي پاڻ به هن جو مُطالعو ڪيو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هنن ٻنهي ڪتابن کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد