Book Name:Huzor ka bachpan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان معلوم ٿيو ته مصيبت ۽ پريشاني جي وَقت بارگاھ الٰهي ۾ ان جي نيڪ ٻانهن کي وسيلو بڻائي دُعا گھرڻ نه صرف جائز بلڪ دُعا جي قبوليت جو سبب به آهي، الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن کي وسيلو بنائڻ اهڙو بهترين عمل آهي جو خود اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي اُمت کي ان جي تعليم فرمائي آهي ، جيئن

نابين کي اکيون ملي ويون

حضرت سَيدُنا عثمان بن حُنيف رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته هڪ نابين صحابي رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: اللهعَزَّ وَجَلَّ کان دُعا ڪيو ته مون کي عافيت ڏي۔ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن تون چاهين ته دُعا ڪيان ۽ چاهين ته صبر ڪر ۽ هي تنهنجي لاءِ بهتر آهي۔انهن عرض ڪيو: حضور! دُعا فرمايو۔ انهن کي حڪم فرمايو: وضو ڪيو ۽ بهتر وضو ڪيو ۽ ٻه رَڪعت نَماز پڙھي هي دُعا پڙھو:

اَللّٰھُمَّ اِنِّي اَسْئَلُک وَاَ تَوَسَّلُ وَاَ تَوَجَّه اِلَيک بِنَبِيک مُحَمَّدٍ نَّبِي الرَّحْمَۃِ يا رَسُوْلَ الله اِنِّي تَوَجَّھْتُ بِک اِلٰي رَبِّي فِي حَاجَتِي ھٰذِهٖ لِتُقْضٰي لِي اَللّٰھُمَّ فَشَفِّعْه فِي

يعني اي الله عَزَّ وَجَلَّ ! مان تو کان سوال ڪريان ٿو ۽ وسيلو تلاش ڪريان ٿو ۽ تو ڏانهن مُتَوَجِّه ٿيان ٿو، تنهنجي نبي محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذَرِيعي سان جيڪي نبي رحمت آهن۔يا رسولَ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) آئون حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي ذَرِيعي سان پنهنجي ربّ عَزَّ وَجَلَّ ڏانهن هن حاجت جي باري ۾ مُتَوَجِّه ٿو ٿيان ته جيئن منهنجي حاجت پوري ٿئي۔ الٰهي(عَزَّ وَجَلَّ)! انهن جي