Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba
۾ سبي ورتا
۽ مون کي بغداد وڃڻ جي اجازت عنايت فرمائي ڇڏي ۽ مون کي هر حال ۾ سچ ڳالهائڻ جو تاڪيد
ڪيو ۽ جِيلان جي ٻاهران تائين مون کي ڇڏڻ جي لاءِ آيون ۽ فرمايائون:
وَلَدِیْ اِذْہَبْ فَقَدْ خَرَجْتُ عَنْکَ لِلّٰہِ فَہٰذَا وَجْہٌ لَااَرَاہُ اِلٰی یَوْمِ الْقِیَامَۃِ
يعني اي منهنجا پيارا پٽ، وڃو!
الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا ۽ خُوشنودي جي خاطر مان توهان
کي پاڻ وٽان جُدا ڪيان ٿي ۽ هاڻي مون کي اوهان جو چهرو قيامت ۾ ئي ڏسڻ نصيب ٿيندو۔
پوءِ مان بغداد وڃڻ واري هڪ ننڍي قافلي سان گڏ روانو ٿيس، جڏهن اسان همدان کان
اڳتي وڌياسين ته سٺ (60) گھوڙي سوار ڌاڙيلن
قافلي کي اچي گھيراء ڪيو ۽ قافلي وارن کي ڦرڻ شُروع ڪيو، مون سان ڪنهن زور زبردستي
نه ڪئي، البت انهن مان هڪ شخص مون کان پڇيو ته توهان وٽ ڇا آهي؟ مون سچ ڳالهائيندي
چيو ته مون وٽ چاليھ (40) دِينار (يعني
سون جا سِڪا) آهن۔ ان پڇيو: ڪٿي آهن؟ مون
ٻڌايو: منهنجي بغل هيٺ منهنجي گُدڙي ۾ سِڀيَل آهن، هو هن ڳالھ کي مذاق سمجھي مون
وٽان هليو ويو، ٿوڙي دير بعد هڪ ٻئي شخص اچي اهي ئي سُوال ڪيا ۽ مون ساڳيا جواب
ڏنا، هو شخص به مون وٽان هليو ويو، انهن ٻنهين جڏهن پنهنجي سردار کي اها ڳالھ ٻڌائي
ته ان جي حڪم تي مون کي ان وٽ وٺي ويا، ان وقت اهي سڀ ماڻهو لُٽيل مال پاڻ ۾ ورهائي
رهيا هئا، مون کي ڏسي انهن جي سردار پڇيو ته توهان وٽ ڇا آهي؟ مون ٻڌايو: مون وٽ منهنجي
گُدڙي ۾ چاليھ (40) دينار آهن۔ سردار جي چوڻ تي منهنجي
گُدڙي کولي وئي ته ان مان واقعي چاليھ (40) دِينار
نڪتا، سردار سخت حيران ٿيو ۽ مون کان پڇا ڪئي: مَاحَمَلَڪ عَلَي هٰذا الاِعتِرَافِ
يعني توهان کي انهن دِينارن جو اعتراف ڪرڻ تي ڪهڙي شيء مجبور ڪيو؟ (يعني توهان چاهيو هئا ته اسان کي نه ٻڌايو هئا) مون
چيو ته منهنجي والده مون کان عهد ورتو هو ته مان هميشه سچ