Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

ڪئي۔ سندن والده رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيها جي قرباني به صد مَرحبا! جو نه رڳو پنهنجي جگر جي ٽڪري جي جُدائي جي غم کي نظر انداز ڪندي انهن کي عِلمِ دين حاصل ڪرڻ جي اجازت عطا ڪئي بلڪه پنهنجي شهزادي کي علم حاصل ڪرڻ ۽ علم جي خدمت جي لاءِ اهڙو وقف ڪيو جو سفر تي رُخصت ڪندي واضح طور تي فرمايو: یَا وَلَدِیْ اِذْہَبْ  فَقَدْ خَرَجْتُ عَنْکَ لِلّٰہِ فَہٰذَا وَجْہٌ لَااَرَاہُ اِلٰی یَوْمِ الْقِیَامَۃِ  يعني اي منهنجا پيارا پٽ وڃو! مان الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي لاءِ توهان کان جُدائي اختيار ڪيان ٿي، تنهنڪري هاڻي قيامت تائين توهان جو هي چهرو نه ڏسندس۔

      غوثِ پاڪ، شهنشاھ بغداد رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي والده ماجده غوثِ پاڪ کي نه صرف سفر جي اجازت ڏني بلڪ خرچ به ڏنائون، هتي اهي عاشقانِ رسول ۽ عاشقانِ غوثِ اعظم غور ڪن ته جيڪي دُنيوي تعليم ۽ ڪاروبار جي لاءِ ته اولاد کي مال ۽ دولت ڏيندا آهن، پر دِيني تعليم ۾ مدد ناهن ڪندا۔هن واقعي مان هي به معلوم ٿيو ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيۡه صِدۡق ۽ سچّائي جا ڪيتري قدر پيڪر هئا جو پاڻ پنهنجي عُمر جي ڪنهن حِصّي ۾ به ڪوڙ جو سهارو نه ورتو، پنهنجن سمورن مُعاملن جو بُنياد سچّائي ۽ ديانتداري تي رکيو جنهن جو هڪ وڏوسبب سندن جي نيڪ سيرت والده حضرت سَيدَتُنا اُمُّ الخير فاطمه رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيۡهَا جي عُمده تَربِيت به آهي، جيئن ته اسان ٻڌو ته سندن والده ماجده رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيۡهَا اوهان کان هميشه سچّائي تي قائم رهڻ جو عهد ورتو، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان پنهنجن ٻارن جي اسلامي تَربِيت ڪريون، پاڻ به هميشه سچ ڳالهايون ۽ انهن کي به ننڍپڻ ئي کان سچ ڳالهائڻ جي ترغيب ڏنيون۔

      اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪوڙ کان بچڻ