Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

ڳالهايان ۽ ڪڏهن ان عهد جي خلاف ورزي نه ڪيان، اهو ٻڌي ان سردار جي اکين مان لڙڪ نڪري آيا ۽ چوڻ لڳو ته هڪ توهان آهيو جو پنهنجي ماء سان ڪيل عهد به نڀائي رهيا آهيو ۽ هڪ مان آهيان جو سالن کان وٺي پنهنجي رَبّ عَزَّ وَجَلَّ جي عهد جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهيان، هن ان وقت منهنجي هٿ تي توبه ڪئي، ان جي ساٿين جڏهن هي ماجرو ڏٺي ته چوڻ لڳا ته اسان لٽ مار ۾ توهان سان گڏ هئاسين، ته توبه ڪرڻ ۾ به توهان سان گڏ رهنداسين، پوءِ انهن سڀني توبه ڪئي ۽ لُٽيل مال قافلي وارن کي واپس موٽائي ڏنو،  اهي ئي اهي ماڻهو هئا جن سڀ کان پهريان منهنجي هٿ تي توبه ڪئي۔ (قلائد الجواہر، ص۸ ،ملخصاً وبغیر قلیل)

چور حاکم سے چھُپا کرتے ہیں یاں اس کے خلاف

تیرے دامن میں چُھپے چور انوکھا تیرا

بد سہی چور سہی مجرم و ناکارہ سہی

اے وہ کیسا ہی سہی ہے تو کریما تیرا

تُو جو چاہے تو ابھی میل مرے دل کے دُھلیں

کہ خُدا دل نہیں کرتا کبھی میلا تیرا

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڏياريو جنّت

غوثِ پاڪ

ڏيو گناھن کان نفرت

غوثِ پاڪ

ڏيوشوقِ عبادت

غوثِ پاڪ

سرڪار جي اُلفت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان خبر پئي ته اسان جي سرڪارِ بغداد، حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کي عِلمِ دين حاصل ڪرڻ جو ايتري قدر شوق هو جو ان جي خاطر پاڻ نه صرف گھر ٻار کي خير باد چئي پري جو سفر اختيار ڪيو بلڪ پنهنجي شفيق والده جي جُدائي به برداشت