Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

۽ سچائي جو رستو اختيار ڪرڻ بابت تاڪيد ڪندي ارشاد فرمايائون: سچائي کي لازم ڪري وٺو، ڇوته سچائي نيڪي ڏانهن وٺي ويندي آهي ۽ نيڪي جنت جو رستو ڏيکاري ٿي۔ انسان مسلسل سچ ڳالهائيندو رهندو آهي سچ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، ايستائين جو هو الله تعاليٰ جي ويجھو صدّيق لکيو ويندو آهي ۽ ڪوڙ کان بچو، ڇوته ڪوڙ گُناھ ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ گُناھ جهنّم جي راھ ڏيکاريندو آهي ۽ انسان لڳاتار ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ايستائين جو هو الله تعاليٰ وٽ گھڻو ڪوڙ لکيو ويندو آهي۔

(مسلم ،کتاب البر و الصلۃ،باب قبح الکذب و حسن الصدق وفضلہ،ص ۱۴۰۵،حدیث:۲۶۰۷)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ خاص ڪري ٻارن ۽ عام طور وڏن جي مدني تَربِيت جي لاءِ سچيون ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن ۾ نهايت ئي پيارا پيارا عنوان آهن، انداز به نهايت آسان رکيو آهي ته ٻار به آساني سان سمجھي سگھن، هنن رسالن ۾ انتهائي عُمده صفحات استعمال ڪرڻ سان ڳڏو ڳڏ جڳھ جڳھ تي تصويري خاڪا به بڻايا ويا آهن ته جيئن ٻارن جي لاءِ ڪشش ۽ پڙھڻ ۾ دِلچسپي ٿئي، ٻارن جون اهي ڪهاڻيون مڪتبةُ المدينه تان هديةً طلب ڪيو ۽ جيڪڏهن ويب سائٽ تان پڙھڻ چاهو ته دعوت اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان اوهان انهن ڪهاڻين کي پڙھي به سگھو ٿا، ڊاؤن لوڊ به ڪري سگھو ٿا ۽ ان جو پرنٽ به ڪڍي سگھو ٿا، انهن رسالن جا نالا هي آهن (1) نور وارو چهرو (2) فرعون جو خواب (3) پٽ هجي ته اهڙو (4) ڪوڙو چور (5) کير پياڪ مدني مُنّو