Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

مِرے جس قَدَر ہیں اَحباب اُنہیں کردیں شاہ بیتاب

ملے عِشق کا خَزانہ مَدنی مدینے والے

مِری آنیوالی نسلیں ترے عشق ہی میں مچلیں

اُنہیں نیک تُو بنانا مَدنی مدینے والے

                             (وسائل بخشش 429)

 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بغداد پهچي حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه وقت جي معروف و مشهور ۽ انتهائي ماهر اُستادن وٽان عِلمِ دين حاصل ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کي عِلمِ دين سان ايتري قدر محبت هئي جو پاڻ فاقه ڪشي ۽ تڪليفون برداشت ڪري به علم حاصل ڪيو، اچو! انهيء مناسبت سان سندن عِلمِ دين سان محبت ۽ ان جي راھ ۾ ايندڙ مشڪلاتن تي صبر جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن ته

فاقو ڪشي ۽ صبر

          حضرت سَيدُنا ابو بڪرتميميرَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه بيان ڪن ٿا ته حُضُورغوثِ پاڪ
رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه خُود فرمائن ٿا ته هڪ دفعي بغداد ۾ ڏڪار پئجي ويو، جنهن جي ڪري مون کي نهايت تنگدستي ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين مونکي کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجھ نه مليو۔ هڪ ڏينهن بک جي شِدّت جي ڪري مان درياء دِجْلَه ڏانهن ويس، ته جيئن اتي ساڳ يا ڪنهن سبزي جا پن کائي سگھان، پر جتي ويندو هئس اتي مون کان پهريان ڪيئي فقير موجود هوندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪا شيء انهن کي ملندي هئي ته ان تي سڀني جو ميڙ ٿي ويندو هو، مون انهن سان مزاحمت ڪرڻ پسند نه ڪيو ۽ انهيء حالت ۾ شهر موٽي آيس ته اتي ڪا شيء تلاش ڪيان، پر اتي به ڪجھ نه مليو، نيٺ آئون بک سان بي حال ٿي مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس، اڃا ٿوڙي ئي