Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

مصيبتن جو ميڙ ۽ صبر جو انداز

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُبْحٰنَاللهعَزَّ وَجَلَّ! اوهان ملاحظه فرمايو ته قُطبِ ربّاني، غوثِ صَمداني، قِنديلِ نُوراني، شهبازِ لامڪاني حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيتري قدر مصيبتون ۽ تڪليفون ۽ بک برداشت فرمايائون ۽ ان عالَم ۾ به پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه تقويٰ ۽ پرهيز گاري،صبر ۽ ايثار جو دامن نه ڇڏيو بلڪ جيڪڏهن ڪٿان کان ڪجھ کائڻ جي لاءِ ملي به ويندو هو ته همدردي ۽ خير خواهي جو جذبو ڏيکاريندي ٻين تي ايثار ڪندا هئا ۽ پاڻ صبر سان ڪم وٺندا هئا۔ عِلمِ دين جي راھ ۾ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کي ڪيتري قدر مصيبتن ۽ تڪليفن کي ڏسڻو پيو، ان جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته شيخ عبدُ الله نجّاررَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا ته مون کي حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه خود ٻڌيائون ته مون تي اهڙيون اهڙيون مصيبتون به آيون جو جيڪڏهن اهي مصيبتون جبلن تي نازل ٿين هئا ته جبل به ذرو ذرو ٿي وکري وڃن هئا، جڏهن انهن مصيبتن جي ڪثرت منهنجي برداشت جي قوت کان ٻاهر ٿي ويندي هئي ته مان زمين تي ليٽي پوندو هئس ۽ هي آيت سڳوريون تلاوت ڪندو هئس:

فَاِنَّ مَعَ الۡعُسۡرِ  یُسۡرًا  ۙ﴿۵﴾ اِنَّ مَعَ الۡعُسۡرِ  یُسۡرًا ؕ﴿۶﴾   (پ ۳۰،الم نشرح:۵،۶)

ترجمو ڪنزالايمان؛ پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سُک آهي. بيشڪ ڏک پٺيان سُک آهي.

       ۽ جڏهن هنن آيتن جي تلاوت کان بعد مٿو مٿي کڻندو هئس ته سڄيون تڪليفون پري ٿي وينديون هيون ۽ مون کي سڪون ۽ اطمينان محسوس ٿيندو هو۔ (قلائد الجواہر ص۰ ۱)