Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

هي غلط طريقو آهي،  ٽئي طلاقونڏ ڳڏ ڏيڻ ناجائز ۽ گُناھ آهي۔ هن باري ۾ دارُالافتاء اهلسنّت جي طرفان طلاق جي باري ۾  جاري ٿيڻ واري هڪ اَهم پمفلٽ جو مطالعو نهايت مفيد ثابت ٿيندو، ان پمفلٽ کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي علمي ڪمال ۽ فضائل جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، سندن جي علمي مصروفيات مان بخوبي معلوم ٿئي ٿو ته اوهان پنهنجي سڄي زندگي عِلمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ڦهلائڻ ۾ گُذاري ڇڏي، تنهنڪري اسان کي به کپي ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي مِشن تي هلندي پنهنجي دل ۾ عِلمِ دين حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيون ۽ ان جي ذريعي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪريون۔ ياد رکو! عِلْمِ دِين انسان کي مُعاشري جو بهترين فرد بڻائي ٿو، عِلْمِ دين ئي جي ڪري مخلوقِ خدا ان ٻانهي سان محبت ڪرڻ لڳي ٿي، علم ئي جي سبب انسان کي عزّت ۽ شرافت حاصل ٿئي ٿي ۽ علم ئي جي ڪري انسان تقويٰ ۽ پرهيز گاري اختيارڪري ٿو، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئي ڀيرا علم ِ دين جون فضيلتون بيان ڪندي پنهنجي غلامن کي عِلمِ دين حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، اچو هن باري ۾ 5 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1حضرت سيدُنا مُعاذ بن جبل رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کان مروي آهي ته رسول الله
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: علم حاصل ڪريو ڇوته ان جو حاصل ڪرڻ الله عَزَّوَجَلَّ جو خوف، هن کي طلب ڪرڻ عبادت، هن جو درس ڏيڻ تسبيح، هن ۾ بحث ڪرڻ جهاد، بي علم کي علم سيکائڻ صَدَقو ۽ ان جي