Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:
نِيَّةُ المُؤمِنِ خَيرٌ مِّن عَمَلِهٖ. يعني مسلمان جي نيت ان جي عمل کان بهتر آهي.     

 ٻه مدني گُل: 1 بنا سٺي نيت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 2 جيتريون سٺيون نيتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

* نگاهون جھڪائي انتهائي توجھ سان بيان ٻُڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت طور سوڙهو ٿي سِرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪُشادي ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھورڻ، جھڻڪڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻُڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي (يعني دلداري) جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مُصافحو ۽ اِنفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  امامُ الاَولِيا حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عرس وارو يارهين شريف وارو مهينو جاري ۽ ساري آهي، انهيءَ مُناسبت سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان حُضُور غَوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي پاڪيزه ڪردار ۽ ان مان حاصِل ٿيڻ وارا مَدَني گل ٻُڌڻ جي سَعادَت حاصِل ڪنداسين۔ اچو! سڀ کان پهريان سندن مُختَصَر تَعَارُف ٻڌون ٿا،