Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

کاڌو ڇڏي نماز ادا ڪئي

حضرت سَيدُنا عَبدُ الله سُلَمِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه بيان ڪن ٿا ته حضرت سَيدُنا شَيخ مُحِي الدِّين سَيد عبدُالقادِر جِيلاني، قُطبِ رَبَّاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مون کي پنهنجو هڪ واقِعو ان طرح ٻڌايو ته جنهن وَقت مان شهر جي هڪ پاڙي قُطبِيه شَرْقِي“ ۾ رهائشي هئس ته مون تي ڪجھ ڏينهن اهڙا گذريا جو نه مون وٽ کائڻ جي ڪا شيء هئي ۽ نه ڪجھ خريدڻ جي سگھ هئي، انهيء حالت ۾ هڪ شخص اوچتو منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ ۾ ٻڌل پُڙيڪو ڏئي هليو ويو ۽ مان ان اندر ٻڌل رَقم مان حلوو اوفراٽو خريد ڪري مسجِد ۾ پهچي ويس ۽ قِبلَي ڏانهن منهن ڪري هن فِڪر ۾ ٻڏي ويس ته هن کي کاوان يا نه کاوان۔ انهيء حالت ۾ مسجِد جي دِيوار ۾ رکيل ڪاغَذ تي منهنجي نَظَر پئي ته مون ان کي کڻي پڙهيو ته ان ۾ هي لکيل هو ته ”اسان ڪمزور مُؤمِنن جي لاءِ رِزق جي خَواهش پيدا ڪئي ته جيئن اهي بَندَگي جي لاءِ ان ذَرِيعي قُوَّت حاصِل ڪري سگھن “پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته ان تَحرير کي ڏسي مون پنهنجو رُومال کنيو ۽ کاڌو اتي ڇڏي ٻه (2) رَڪعَت نماز اَدا ڪري مسجِد مان نِڪري آيس۔

(قلائد الجواهر،ص۱۰بتغيرقليل)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اوهان ڏٺو ته اسان جي غَوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان وَقت تائين کاڌو نه کاڌائون جيستائين اها حالت نه ٿي جو هاڻي بنا کائڻ جي هيڻا ٿي ويندا ۽ عِبادت جي قُوَّت باقي نه رهندي۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي حال تي غَور ڪيون ته اڄ اسان جو حال ان جي بَرعَڪس آهي اسان فَقط نَفس جي لَذَّت خاطِر کائيندا پيئندا آهيون ۽ وَقت بي وَقت هر قِسم جون غِذائون پيٽ ۾ وجھندا رهندا آهيون ڄڻ ته اسان پنهنجي زِندَگي جو مَقصَد ئي کائڻ پيئڻ بنائي ورتو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪيئي ڀيري ايئن به ٿيو هجي  ته  کاڌي جي لذّت