Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

۾ مست ٿي ڪري ايترو گهڻو کائي ورتو هجي جو جنهن جي وجهه کان عبادت جي لاءِ اٿڻ ڏکيو لڳندو هجي، سستي آڙ بڻجي وئي هجي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي پيٽ جو قفلِ مدينه نصيب ٿي وڃي۔

عائشہ  صِدّیقہ  روتی  تھیں  نبی  کی  بھوک  پر

ہائے! بھرتے ہیں غذائیں ہم شِکَم میں ٹُھونس

حضرت سَيدُنا يحييٰ مُعَاذ رازِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: جيڪو پيٽ ڀري کائڻ جو عادي ٿي ويندو آهي ان جي بدن تي گوشت وڌي ويندو آهي ۽ جنهن جي بدن تي گوشت وڌي وڃي ٿو، اهو شهوت (خواهش) پرست ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو شهوت (خواهش) پرست ٿي ويندو آهي ان جا گناهه وڌي ويندا آهن ۽ جنهن جا گناهه وڌي ويندا آهن ان جي دل سخت ٿي ويندي آهي ۽ جنهن جي دل سخت ٿي ويندي آهي اهو دنيا جي آفتن ۽ رنگينين ۾ مست ٿي ويندو. (المنبهات للعسقلاني، باب الخماسي، ص۵۹)

اي ڪاش! اسان جو به بُک کان گھٽ کائڻ جو ذِهن بڻجي وڃي ۽ اسان فَقَط ايترو کائون جنهن سان عِبادتِ اِلٰهي تي قُوَّت حاصِل ٿي سگھي ۽ کائڻ وقت نِيت به اها ئي هجي ته عِبادت تي قُوَّت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ کائي رهيو آهيان۔ بک کان گھٽ کائڻ کي دعوتِ اِسلامي جي اِصطِلَاح ۾ ”پيٽ جو قُفلِ مدينه“ چيو ويندو آهي۔ پيٽ جو قُفلِ مدينه لڳائڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دُنيا ۽  آخِرَت جون بي شُمار ڀلائيون حاصِل ٿينديون۔

زَبان کا آنکھ کا اور پیٹ کا قُفلِ مدینہ تُم

لَگا لو وَرْنہ مَحْشَر میں پَشیمانی بَڑی  ہوگی

 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد