Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

حضرت سيدُنا غَوثُ الاَعظَم شَيخ عبدُالقادِرجِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وِلادَتِ باسَعادَت پهرين رَمَضان ۴۷۰ھ جُمعَةُ المُبارَڪ جو جِيلان ۾ ٿي۔ سندن ڪُنيت ابُو محّمد آهي جڏهن ته مُحِي الدِّين ( دين کي زندهه ڪرڻ وارا ) ، مَحبوبِ سُبحاني (الله سبحانه جا محبوب )، غَوثِ اَعظم، غَوثِ ثَقَلَين (سڀ کان وڏا ۽ جنن ۽ انسانن جا غوث ) وغيره سندن لقب آهن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي والِدِ مُحتَرم جو نالو حضرت سَيدُنا ابُو صالِح مُوسي جَنگي دوست ۽ والِده مُحتَرَمَه جو نالو اُمُّ الخَير فَاطِمَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا آهي، اوهان والِد جي طرف کان حَسَنِي ۽ امڙ سائڻ جي طرفان حُسَينِي سَيد آهن۔

تُو حُسَیْنِی حَسَنِی کیوں نہ مُحِیُّ الدِّیں ہو

 

اے خِضَر مَجْمَعِ بَحْرَیْن ہے چَشْمَہ تیرا

 (حدائقِ بخشش، ص ۱۹)

مختصر وضاحت: يا غوث الاعظم اوهان جي ذات ڇو نه مُحيُ الدّين (دين کي زندهه ڪرڻ واري) ٿئي جو توهان حضرات حسنين ڪريمين منجهان آهيو ۽ اوهان رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي ذات مبارڪه حسني حسيني درياءُ مان نڪرندڙچشموآهي                                                                حضرت سَيدُنا علّامه اِبنِ جَوزِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۱۱رَبِيعُ الآخِر ۵۶۱ ھ هجري ۾ مَغرِب نماز کان پوءِ بَغداد شريف ۾ وِصال فرمايو، وِصال جي وقت سندن عُمر شريف تَقرِيباً 91 سال هئي، جَنازي نماز شهزاده غَوثِ اَعظم حضرت سَيدُنا سَيفُ الدِّين عبدُالوهاب قادِرِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه پڙھائي ۽ بيشمار ماڻهن جَنازي ۾ شِرڪت ڪئي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مَزارِ پُراَنوار عِرَاق جي مَشهور شهر بَغداد شريف ۾ آهي جتي ڏينهن رات زَائِرِين جو ميڙ رهندو آهي۔      (الزيل علي طبقات الحنابلۃ،۳/۲۵۱،ملخصاً)

شہرِ بَغداد مُجھ کو ہے پِیارا، خُوب دِلکش وہاں کانَظَّارَہ

میرامُرْشِدجو جَلوَہ آرا ہے،واہ کِیا بات غَوْثِ اَعظم کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد